جيڪب آباد ۾ صحت کاتي جو ملازم ۽ جکراڻي برادري جو چڱو مڙس گوليون هڻي قتل

جيڪب آباد:- جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي آفيس جي مکيه دروازي اڳيان قائم بولان هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ويٺل جکراڻي(سارگاڻي) قبيلي جي چڱي مڙس صحت کاتي جي ملازم 45 ورهين جي ممتاز جکراڻي کي اڻ سڃاتل جوابدارن سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.اطلاع تي پوليس پھچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. سول اسپتال ۾ موجود مقتول جي سوٽ عبدالوحيد جکراڻي صحافين کي ٻڌايو ته اوڍا برادري جي ماڻهن اسان جي چڱي مڙس کي بيگناهه قتل ڪيو آهي اوڍن جو جنهن ڌر سان تڪرار هلندڙ آهي انهن سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي جنهن لاءِ اسان اوڍن جي سردار کي به واضح ڪيو ھيو ھن الزام مڙھندي چيو ته ستار اوڍي جي ڌر اسان جي چڱي مڙس کي قتل ڪيو آهي ان بابت صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته همراهه جي قتل جي جاچ ڪيون پيا جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابنديڪئي وئي پر جوابدار فرار ٿي ويا.