جيڪب آباد ۾ شادي کان انڪار تي بيدرديءَ سان قتل ٿيل انيلا ڌرپالي جي ڪيس جو 7 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ۾ زبردستي شادي کان انڪار تي بيدرديءَ سان قتل ٿيل انيلا ڌرپالي جي ڪيس جو 7 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو. عدالت مقتولڻ جي والد ۽ ٻن ڀائرن سوڌو چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ ٺيڪيدار کي به ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ڏني وئي آهي.ماڊل ڪرمنل ڪورٽ 7 سال اڳ بيرحميءَ سان قتل ٿيل ناري انيلا ڌرپالي جي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ناريءَ جي والد عدالعزيز، ڀاءُ وسيم احمد، منظور احمد ۽ محم اسلم ابڙو کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ – هڪ لک رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ کين وڌيڪ هڪ سال قيد ڪاٽڻي پوندي.ماڊل ڪورٽ ساڳئي ڪيس ۾ جوابدار ڊي ايس پي عبدالمجيد ابڙو ۽ ٺيڪيدار رزاق بهراڻي کي 6-6 مهينا قيد ۽ 30-30 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ مهينو قيد ڪاٽيندا.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ انيلا ڌرپالي جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل 5 جوابدارن سب انسپيڪٽر عبدالاحد سومرو، نذير احمد، الهه يار، عبدالله ۽ رشيد کي ثبوت نه ملڻ جي بنياد تي آجو قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته مقتولڻ جي امڙ ملوڪان، فرزانه ۽ بلاول کي ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايو ويو آهي.ناري انيلا ڌرپالي 7 سال اڳ زبردستي شادي ٿيڻ خلاف گهران نڪري وئي ۽ سٽي ٿاڻي تي پناهه ورتي هئي، تڏهوڪي ڊي ايس پي عبدالمجيد ابڙو وري ناريءَ کي تحفظ ڏيڻ بدران ضمانت تي ٺيڪيدار رزاق بهراڻي حوالي ڪري ڇڏيو هو، اُن کانپوءِ ناري قتل ٿي وئي. سال 2002ع ۾ سرڪار جي مدعيت تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.