جيڪب آباد ۾ جکراڻي وڙهي پيا، نوجوان گوليون هڻي قتل

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ۾ مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ڀڙڪي اٿيو جوابدارن 45 ورهين جي شادي خان ولد لعل بخش مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جتي لعل بخش ٿڏي تي قتل حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال جيڪب آباد کڻائي آئي جتي وڏي انگ ۾ مقتول جا وارث اسپتال پهچي ويا ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي وارث قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي مقتول جو لاش کڻي پنهجي اباڻي ڳوٺ نائچ پهچي ويا جتي مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي