جيڪب آباد ۾ اجتماعي زيادتي بعد ڳورهاري بڻيل نينگري لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو، متاثر ڪٽنب پاران انصاف جو مطالبو

لاڙڪاڻو :- جيڪب آباد ۾ اجتماعي جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار بڻيل 14 ورهين جي نينگري پوليس پھري هيٺ شيخ زيد وومين اسپتال منتقل، متاثره نينگري ٻارڙي کي جنم ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽرن پاران نينگري ۽ ٻارڙي جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي، وارثن ملوث سمورن جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل آچر جي شام دير سان جيڪب آباد شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد بچل شاهه پاڙي جي بيواهه ضميران ابڙو اجتماعي جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار بڻيل پنهنجي 14 ورهين جي نينگري ارم ابڙو کي سندس امڙ ضميران خاتون جيڪب آباد جمس اسپتال وٺي وئي جتي اسپتال انتظاميا ويم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي کيس سول اسپتال موڪلي ڇڏيو اتان به کين اهو چئي واپس موٽايو ويو ته هتي ماھر گائناڪالاجسٽ ناهي جنهن بعد پوليس نينگري کي سخت پوليس پهري هيٺ لاڙڪاڻي منتقل ڪري شيخ زيد اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي متاثره نينگري ٻارڙي کي جنم ڏنو. ڊاڪٽرن موجب نينگري ۽ تازو ڄاول ٻارڙي صحتمند آهن جن کي علاج ڏنو پيو وڃي. ان موقعي متاثره نينگري جي امڙ ضميران خاتون صحافين ٻڌايو ته آءُ بيواهه آهيان، منهنجي ننڍڙي الله جي نالي جي ماني وٺڻ ويندي هئي جنهن کي جوابدار ظفر الله سرهيو ۽ حليم کپائيندڙ ڪامران پٺاڻ مسلسل اجتماعي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻائي کيس ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪندا هئا جنهن ڪري منهنجي ڌيءُ مون سان اهڙي ڪا به ڳالهه ڪانه ڪئي، جنهن جي ويم جا به پئسا نه هئا مون قرض کڻي ايمبولينس ۾ پنهنجي ڌيءُ کي لاڙڪاڻي جي اسپتال ويم لاءِ کڻي آئي آهيان. هن ٻڌايو ته مون واقعي جي ايف آءِ آر جيڪب آباد شهر جي سول لائين ٿاڻي تي 4 جوابدارن ظفر الله سرهيو، ڪامران پٺاڻ ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هڪ جوابدار ڪامران پٺاڻ آزاد آهي ۽ ٻيو ظفر الله سرهيو جيل ۾ آهي. هن چيو ته منهنجي نياڻيءَ سان ظلم ڪري سندس جي زندگي تباهه ڪئي وئي پر هن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي پوليس عملدار اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ ناهي پهتو. هن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي اپيل ڪئي ته وحشي صفت جوابدارن کي گرفتار ڪري منهنجي نياڻيءَ سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ويم بعد نينگري ۽ سندس جي تازو ڄاول ٻارڙي جو علاج گذريل ٻن ڏينهن کان جاري آهي.