جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ سس ۽ ننهن قتل

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ سس ۽ ننهن قتل، پوليس موجب جوابدار چاچي سان گڏ زال ۽ ماءُ کي قتل ڪيو، مولا داد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام خان جکراڻي ۾ ڪارنهن تهمت هڻي نوجوان ناري صاحبه ۽ سندس سس حاجران کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار محين پنهنجي راجا جکراڻي سان گڏجي بندوق جا فائر ڪري پنهنجي زال صاحبه ۽ پنهنجي ماءُ حاجران کي قتل ڪيو ۽ پوءِ ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو.