جيڪب آباد ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

جيڪب آباد :- جيڪب آباد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، پوليس موجب ڳوٺ ڏاتو خان رند ۾ جوابدار شهباز رند هڪ نوجوان هزار خان عرف گيدو رند کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد گهر اچي نوجوان ڀيڻ شازيه کي به گولين جو کاڄ بڻايو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو. مقتولن جا لاش سول اسپتال آندا ويا. واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.