جيڪب آباد: مهڪ عرف عليزا کي سيڪورٽي رسڪ ڄاڻائي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو

جيڪب آباد:- مھڪ عرف عليزا جي عدالت ۾ پيشي جو مامرو، دارلامان انتظاميا سيڪورٽي رسڪ ڄاڻائي شاگردياڻي کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو، پوليس پاران ليٽر عدالت ۾ پيش، ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي خبر موجب جيڪب آباد جي نماڻي سنگت حويلي جي رھواسڻ شاگردياڻي مھڪ عرف عليزا کي گذريل ڏينهن سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ سيڪيورٽي رسڪ ڄاڻائي پيش نه ڪيو ويو جڏهن ته دارلامان انتظاميا پاران سيڪيورٽي رسڪ جو ليٽر سول لين ٿاڻي جي پوليس عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو اھڙي ليٽر بعد عدالت مھڪ عرف عليزا جي ٻڌڻي ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪندي 6 فيبروري تي شاگردياڻي کي ميڊيڪل رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته مھڪ عرف عليزا جي پيشي وقت شاگردياڻي جا وارث ۽ پنچائت جا اڳواڻ به عدالت ۾ موجود ھئا نوجوان علي رضا سولنگي به عدالت ۾ موجود ھو جڏھن ته سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جو موڪل تي ھئڻ ڪري عدالت سان لاڳاپيل عملي ٻيھر 6 فيبروري تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو.