جيڪب آباد: مذهب مٽائي شادي ڪندڙ مهڪ ڪماري ماءُ جي حق ۾ بيان ڏئي ڇڏيو

جيڪب آباد :- جيڪب آباد جي نماڻي سنگت حويلي مان 22 ڏينهن اڳ گھران نڪري مسلمان ٿيڻ بعد نوجوان علي رضا سولنگي سان نڪاح ڪندڙ شاگردياڻي مھڪ عرف عليزا کي پوليس جي سخت پھري ھيٺ دارلامان کان سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، شاگردياڻي جج آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته غلطي ٿي آھي آئون پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ چاھيان ٿي اڳ ڏنل بيان جذباتي ھو، اھڙي بيان بعد عدالت شاگردياڻي مھڪ عرف عليزا کي ٻيھر دارلامان موڪلي ڇڏيو جڏهن ته عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو..