جيڪب آباد مان نياڻي مھڪ ڌي وجي ڪمار اسڪول ويندي اغوا، هندو پنچائت جو احتجاج

جيڪب آباد:- جيڪب آباد ۾ هندو نياڻي مهڪ ڌي وجي ڪمار اسڪول ويندي اغوا، هندو برادري جو احتجاج سنڌ جي ھندو خلاف ڪات ڪهاڙا اڀا آھن خوف جي عجيب ڪيفيت جو شڪار آھي, ھر ٻئي ڏينھن ڪنھن نياڻي جو زبردستي مذھب مٽايو وڃي ٿو , بس ھر ڪو رسوائي ۽ ذلت جي اچڻ واري ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آھي .ھي چوڏھن سال جي مھڪ ڌي وجي ڪمار جيڪب آباد مان اسڪول ويندي اغوا ڪئي وئي آھي جيڪب آباد جتي ظلم ۽ انياء تي ڳالهائڻ تي هندن جا قتل ٿيندا رهيا آھن هاڻي به ڪجهه ڏينهن رکڻ کانپوء ھن کي ڪنهن ميان مٺو يا ايوب سرهندي وٽ ظاھر ڪيو ويندو ۽ خبر پوندي ته ننڊپڻ کان اسلام کان متاثر ھئي ۽ پنهنجي رضا خوشي سان مذھب بدلايو اٿس ـچوڏھن سال جي مھڪ کي ھڪ عدد مڙس به عطا ڪيو ويندو ۽ ٻارن جي شادي تي پابندي وارو قانون ھندو نياڻين لاء قطئي ڪارڳر نه ھوندو ـ آخر ڪار ڪڏھن اسان جا حڪمران فورس ڪنورجن جي ڀوت مان مذھبي ٿورائي وارن ماڻھن جي جان آجي ڪرائي جناح صاحب جي 11 آگسٽ واري تقرير  تي عمل ڪندا؟