جيڪب آباد سول اسپتال انتظاميا پاران ايمبولنس نه ڏيڻ ڪري ڳوٺاڻا نينگري جو لاش رڪشا ۾ کڻائي ويا

جيڪب آباد :- جيڪب آباد سول اسپتال انتظاميا پاران ايمبولنس نه ڏيڻ ڪري ڳوٺاڻا نينگري جو لاش رڪشا ۾ کڻائي ويا تفصيل موجب جيڪب آباد سول اسپتال انتظاميا پاران ايمبولنس نه ڏيڻ ڪري ڳوٺاڻا فوتي نينگري جو مڙهه رڪشا ۾ کڻائي ويا، فوتي نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪريما جي حالت خراب ٿيڻ بعد سول اسپتال پهچايو ته ڊاڪٽرن ايئربيس اسپتال کڻائي وڃڻ جو مشورو ڏنو، نينگري ايئربيس اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئاسين ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، واپس سول اسپتال پهچي انتظاميا کان ايمبيولنس جي گهر ڪئي پر نه ڏني وئي، هوڏانهن سول سرجن ڊاڪٽر عبدالمالڪ کرل ايمبولنس هر وقت اسپتال ۾ موجود هوندي آهي، مامري جي جاچ ڪئي ويندي.