جيڪب آباد رائس مل جي گدام ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن مٿان ڀت ڪري پئي، اٺ مزدور دٻجي ويا، ٻه پورهيت فوت

جيڪب آباد := جيڪب آباد رائس مل جي گدام ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن مٿان ڀت ڪري پئي، 8 مزدور دٻجي ويا، ھڪ مزدور ٿڏي تي فوت، ھڪ زخمي مزدور لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، فوتي مزدورن جو انگ ٻه ٿي ويو، مزدور يونين پاران انتظاميا خلاف سنڌ بلوچستان قومي شاهراهه تي ڌرڻو.

خبر موجب جيڪب آباد صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلاب ماڇي ۾ قائم عباس رائس مل ۾ گدام ۾ ڏارو ڀريندڙ مزدورن مٿان گدام جي ڀت اوچتو ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مزدور دٻجي ويا، مل ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، بروقت مل ۾ ڪم ڪندڙ ٻين مزدورن گدام تي پھچي امدادي ڪارروايون ڪري دٻجي ويل مزدورن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن ۾ محمد جان لھڙي ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اعجاز ڌرپالي، اصغر گوپانگ، عبدالوهاب لاشاري، عزيز سميت 6 مزدور زخمي ٿي پيا.

زخمين کي چنگنچي رڪشا تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اصغر گوپانگ جي حالت خراب ھئڻ سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو جنهن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.اسپتال ۾ زخمي ٿيل مل مزدور عزيز ٻڌايو ته گدام ۾ ڏارو ڀري رھيا ھئاسين ته اوچتو ڀت ڪري پئي، جنهن ھيٺيان 8 مزدور دٻجي وياسين واقعي ۾ ھڪ مزدور ٿڏي تي فوت ٿي ويو ٻين کي زخمي حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ٻنھي مزدورن جا مڙهه گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو. وارث پنهنجي پيارن کي ڀاڪر پائي اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندا رهيا، جنهن سبب ماحول سوڳوار ٿي ويو.ھوڏانھن رائس مل جي ڀت ڪرڻ سبب ٻن مزدورن جي فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ مزدور يونين جي صدر معشوق خاراني جي اڳواڻي ۾ مل مزدورن سنڌ بلوچستان قومي شاهراهه تي عباس رائس مل آڏو ضلعي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو، مزدورن روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.ان موقعي تي مزدور يونين جي صدر حاجي معشوق خاراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مل ۾ مزدوري ڪندڙ مزدورن کي حق نه ملي رهيا آهن مل مزدورن لاءِ حڪومت پاران جوڙيل کاتن جا ڪامورا پنهنجو پيٽ ڀرڻ رڌل آهن، سوشل سيڪيورٽي، ليبر کاتو توڙي اولڊ ايج کاتا مزدورن کي حق نه ڏئي رهيا آهن ڪيترائي مزدور حادثاتي طور پنهنجون زندگي وڃائي ويٺا ۽ گھڻائي مزدور زخمي ٿيڻ بعد معذوري واري زندگيءَ گذاري رهيا آهن پر مزدورن لاءِ ايندڙ فنڊز ھڙپ ڪيا ويا آهن، فوتي توڙي معذور مزدورن جا وارث بعد ۾ فاقاڪشي واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهن، ھن چيو ته مزدورن جي حقن لاءِ ڪيترائي ڀيرا جدوجهد ڪئي وئي آهي پر انتظاميا اگھور ننڊ ستل آهي، مزدورن جي لڳل ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي صدر فيض محمد دايو ۽ ڊي ايس پي سي آءِ اي محمد يوسف بروهي پھچي ڳالھيون ڪري مطالبا مڃڻ جو يقين ڏياري روڊ کولرائي ڇڏيو.ٻئي پاسي سماجي اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري پاران ٻنهي فوتين جي وارثن کي هڪ هڪ لک ۽ زخمين کي 20، 20 هزار رپيا ڏنا.