جيڪب آباد جي سوين آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرو

جيڪب آباد :- جيڪب آباد جي سوين آبادگارن جو نور واھ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرو، قومي شاهراهه تي ڌرڻو. نورواھ ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين آبادگارن ھٿن ۾ ڳاڙھا جھنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي. اڳواڻن مير غلام صابر کوسو ۽ ٻين چيو ته آبپاشي کاتي وارن اسان سان ظلم ڪيو آھي، اڄ 10 جولاءِ آھي اسان کي ھن وقت تائين پاڻي نه ڏنو ويو آھي، اڳ مئي ۾ پاڻي ايندو هو پاڻي نه اچڻ ڪري اسان ھن وقت تائين ٻيجارو پوکي نه سگھيا آھيون. پاڻي نه ملڻ سبب اسان جي ھزارين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي رھي آھي، ھزارين ھاري فاقه ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا. هر هنڌ پاڻي پھچي ويو آھي پر آبپاشي کاتي وارا ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري نور واهه ۾ پاڻي نه پيا ڏين.