جيڪب آباد جي خانگي اسپتال ۾ ويم دوران ناري فوت، ڊاڪٽرياڻيءَ تي غفلت جو الزام

جيڪب آباد :- جيڪب آباد جي خانگي اسپتال ۾ ويم دوران مبينا غفلت نوجوان ناري کان حياتي کسي ورتي. ايئرپورٽ روڊ تي قائم خانگي سينٽر تي ويم دوران 20 ورهين جي ڪريمان زال مختيار بروهي فوت ٿي وئي. وارثن موجب ڊاڪٽرياڻي اختيار مستوئي 6 ڪلاڪن تائين آسرا ڏنا نارمل ڊليوري ٿيندي. اوچتو ڊاڪٽرياڻي چيو ته سِيزر ٿيندو، پيسن جو بندوبست ڪريو. وارثن الزام هنيو ته ڪجهه دير بعد اطلاع ڏنو ويو ته ناري دل جي تڪليف سبب فوت ٿي وئي آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ناري کي جيڪڏهن دل ۾ تڪليف هئي ته ڊاڪٽر اڳواٽ ٻڌائي ها، پر هن ائين نه ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي جي مجرماڻي غفلت جو نوٽيس وٺي سندس خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ليڊي ڊاڪٽر اختيار مستوئي ٻڌايو ته ويم لاءِ آيل ناري ڪمزور ھئي، وارثن کي ٻڌايو ويو ته آپريشن ٿيندو پر هنن چيو ته اسان وٽ کائڻ جا پئسا ناهن، نارمل ڊليوري ڪرايو. هن چيو ته عورت کي ٿيلھي لڳائي وئي ته ھو فوت ٿي وئي آهي.