جيڪب آباد تعليم کاتي ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪندڙ تعليم کاتي جي 9 ۽ خزاني آفيس جي 6 آفيسرن سميت 17 ڄڻن تي ڪيس داخل

جيڪب آباد :- جيڪب آباد تعليم کاتي ۾ پينشن مد ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪندڙ تعليم کاتي جي 9 ۽ خزاني آفيس جي 6 آفيسرن سميت 17 ڄڻن تي اينٽي ڪرپشن پوليس 18 ڪيس داخل ڪري ورتا. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر حنيف خان سرڪي جي فرياد تي گناهه نمبر 20/2019 کان 37/2019 تائين 18 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ تعليم کاتي جا 9 اڳوڻا آفيسر ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، ٽي اي او حافظ شڪور بنگلاڻي، ھاڻوڪو ٽي اي او جيڪب آباد قمرالدين ٻرڙو، ھاڻوڪي ٽي اي او فيميل ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، غلام مرتضيٰ جکرو، ڊي او آفيس جو اسسٽنٽ مقصود سومرو، خزاني آفيس جو اڳوڻو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ آفيسر فدا حسين جمالي، عبدالمجيد ڀٽي، اڪائونٽنٽ محمد علي منگي، انيس انصاري، سب اڪائونٽنٽ رحمان چوھاڻ، اسد سومرو، رٽائرڊ پرائمري استاد ڌڻي بخش ٿھيم، عربي ٽيچر اسماعيل سومرو جوابدار ڄاڻايا ويا آهن. ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تعليم کاتي ۽ ناڻي آفيس جي ملازمن گڏجي تعليم کاتي ۾ ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي ڪرپشن ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پھچايو ويو آهي. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت ھيٺ ٿيل اجلاس ۾ 18 ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ھئي. ياد رهي ته 5 مھينا اڳ به ڪرپشن جا 13 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، جن ۾ تعليم کاتي ۽ خزاني آفيس جا 29 ملازم نامزد ٿيل آھن، جن ۾ تعليم کاتي ۽ خزاني آفيس جا 26 ملازم ھن وقت لاڙڪاڻي جيل ۾ قيد ٿيل آهن.