جيڪب آباد:نينگريءَ سان ڏاڍائي جا جوابدار ٻَڌرائڻ لاءِ احتجاج

جيڪب آباد:- جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد بچل شاهه پاڙي جي رھواسڻ 13 ورھين جي نينگري ارم ابڙو سان اجتماعي زيادتي ڪندڙن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جسقم پاران ٽڪنڊي باغ کان ڪامريڊ لياقت سرڪي، صدام حسين سرڪي، زوھيب سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ نينگري جي ضميران به شرڪت ڪئي مظاھرين مختلف رستن تي مارچ ڪيو ۽ جوابدارن جي گرفتار نه ڪرڻ تي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين پريس ڪلب آڏو پھچي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 13 ورھين جي نينگري ارم ابڙو سان زيادتي ڪندڙ جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن جڏھن ته نينگري جي امڙ کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندڙ صرافه يونين جي صدر سميع الله سرھيو کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو ڇو ته جوابدار بااثر آهن پوليس ڳري رشوت عيوض خاموش تماشائي بڻيل آهي ھنن چيو ته جوابدار آزاد ھجڻ ڪري ارم ابڙو جي زندگي کي خطرو آهي پوليس ارم ۽ ان جي وارثن کي تحفظ ڏيڻ بدران جوابدارن کي تحفظ ڏئي رھيو آھي ھنن چيو ته بااثر سميع الله سرھيو ڪنهن به وقت ارم کي قتل ڪرائي سگهي ٿو ڇو ته ھو مک جوابدارن ظفر سرھيو ۽ ڪامران پٺاڻ جو سرپرست پڻ آهي ان موقعي تي نينگري جي امڙ ضميران ابڙو چيو ته منهنجي نياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن مان سول لائين ٿاڻي تي ملندڙ ڌمڪين خلاف سميع الله سرھيو، امان الله، ظفر الله، ڪامران پٺاڻ سميت ٻين جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس انھن گرفتار نه ٿي ڪري ڇو ته جوابدار بااثر آهن ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي