جيئي سنڌ تحريڪ ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران اڄ جبري گمشدگين خلاف ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

ملير: جيئي سنڌ تحريڪ ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران اڄ جبري گمشدگين خلاف ملير پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ڪرونا وائرس سبب جتي سڀ پنھنجي سر بچائڻ لاءِ سيلف ڪارنٽين ٿيل آھن , اهڙي ماحول ۾ ڪجھ اھڙا جوان به نظر آيا جيڪي پنھجي جان کان لاپرواھ ٿي پنھجن پيارن جي آزادي لا۽ آواز بلند ڪرڻ لا۽ ملير پريس ڪلب اڳيان گڏ ٿيل ھئا , سندن چوڻ ھو جتي ھن وبائي مرض جي پيش نظر مھذب ملڪ پنھجن ڏوھي قيدين کي به انساني همدردي تحت آزاد پئي ڪري , ساڳئي مهل هي رياست اسان جا جوان پنھجن ٽارچر سيلن ۾ واڙي مٿان غير انساني تشدد پئي ڪري , اسان انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن کان مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ اندر جبري گمشدگين جي مسئلي تي پنھجو ڪردار ادا ڪن ۔ کنڀي گم ڪيل جوانن جون زندگيون بچايون وڃن