جيستائين شاگرد يونين بحال نه ٿيندي تيستائين شاگردن سان زيادتيون جاري رھنديون: سنڌو نواز

حيدرآباد (پ.ر) يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سھيل ڀٽو، حمز علي چانڊيو ۽ سرمن بروهي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سائره ٿھيم سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين نه ھجڻ ڪري انتظاميه پاران شاگردن کي ھراسان ڪرڻ وارا واقعا ڏينھون ڏينهن وڌي رهيا آهن. اھڙن واقعن سان نياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. سنڌو نواز وڌيڪ چيو ته جيستائين شاگرد يونين بحال نه ٿيندي تيستائين شاگردن سان زيادتيون جاري رھنديون. اسان شاگرد يونين جي بحالي جو مطالبو ڪيون ٿا ۽ سائره ٿھيم کي ھراسان ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. سائره ٿھيم کي انصاف ڏيارڻ لاءِ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران 2 بجي حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال ڪئي.