جيترا به ظلم ڪرڻا آهن ڪري وٺو پر مان ۽ منهنجو خاندان ڪڏهن به نه جهڪندو: نوازشريف

لاهور:  اڳوني وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته مون تي ۽ منهنجي خاندان مٿان جيترا به ظلم ڪرڻا آهن ڪري وٺو پر اسان ڪڏهن به نه جهڪنداسين. رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي گذريل ڏينهن  عدالت  جسماني رمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ ڏنو هو هن نيب جي ڊي ڪيئر سينٽر ۾ پهرين رات گذاري. نوازشريف رات جو گهر مان آيل دال چانور کاڌا ۽ هو رات جو دير تائين جاڳندو رهيو. دير تائين جاڳڻ سبب مقرر سيڪيورٽي اهلڪار ان کان خيريت پڇي ته نواز شريف چيو ته هميشه قوم جي خدمت نيڪ نيتي سان ڪئي آهي.  الله تعاليٰ پنهنجو ڪرم ڪندو.اوهان منهنجي ۽ منهنجي خاندان تي جيترو به ظلم ڪرڻو اهي ڪري وٺو پر منهنجو خاندان ڪڏهن به نه جهڪندو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن نوازشريف کي چوڌري شگرملز ڪيس ۾ ڪوٽ لکپت جيل مان گرفتار ڪري احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي هن عدالت جي آڏو بيان ڏنو هو ته نيب مون کان جيل ۾ به جاچ ڪئي هئي هر ايندڙ ڏينهن تي مون کان مختلف سوال پڇندا آهن جنهن جو جواب مون کي خبر هوندي آهي اهو ٻڌائي ڇڏيندو آهيان ۽ جنهن جي مون کي خبر ناهي ان جي باري ۾ مون هنن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ان جي مون کي خبر ناهي. نوازشريف وڌيڪ چيو ته مون سان جيل ۾ وڪيلن کي به ملڻ نٿو ڏنو وڃي.