جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد کي ڏنل ڀيٽا ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ رهي

ڪراچي:- سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ پوسٽون جيئي سنڌ هلچل جي باني محترم جي ايم سيد بابت رکيون ويون. فيس بڪ کانسواءِ ٽوئيٽر تي پڻ محترم جي ايم سيد کي پيش ڪيل ڀيٽا ٽاپ ٽرينڊ ۾ رهيو.ان کانسواءِ ڪورونا ۽ مشتاق سرڪي خلاف گذري ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر جي مذمت وارا اشو به شامل رهيا.سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ محترم جي ايم سيد جي ورسي جي مناسبت سان پروگرام ڪيا ويا ۽ سندس تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا ڏني وئي.مختلف اديبن، شاعرن ۽ سياسي اڳواڻن حليم باغي، اعجاز منگي ۽ ٻين شاعرن جا شعر پنهنجي وال تي رکيا.سوشل ميڊيا تي ڪالهه اڳوڻي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ گلشن حديد جي چونڊيل ڪائونسلر لياقت جهتيال جي صرف هڪ پوسٽ اهڙي هئي،جنهن ۾ جي ايم سيد جي پوئلڳن تي طنز ڪيل هئي ته جي ايم سيد پاڻ عدم تشدد جو حامي هو،جڏهن ته سندس پوئلڳ ڌاڙا ڦرون ۽ قبضا ڪندا رهندا هئا.ڪورونا بابت لکيل پنهنجي پوسٽ ۾ شير گاڏهي لکيو آهي ته عالم انسانيت کي مبارڪ هجي،ڇاڪاڻ ته ڪورونا جي وئڪسين جو تجربو ڪامياب ٿيو آهي.