جيئي سنڌ قومي پارٽي جو ميرپور بٺورو کان سجاول تائين پيادل مارچ بعد ڊي سي هائوس آڏو ڌرڻو

سجاول := سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري نامنظور: جيئي سنڌ قومي پارٽي جو ميرپور بٺورو کان سجاول تائين پيادل مارچ بعد ڊي سي هائوس آڏو ڌرڻو، احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو سميت مختلف تنظيمن جا ڪارڪن به شريڪ ٿيا، مظاهرين چيو آهي ته وفاقي حڪومت سازش تحت والاريل ڪشمير جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ جو عوام اهڙو فيصلو ڪنهن به ريت قبول نه ڪندو.