جيئي سنڌ قومي محاذ ٻيٽن تي قبضي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي رٿيل لانگ مارچ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي :- جيئي سنڌ قومي محاذ ٻيٽن تي قبضي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي رٿيل لانگ مارچ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جسقم چيئرمين سان رابطو ڪري ٻيٽن تي اڏاوت خلاف رٿيل مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. جسقم چيئرمين قومي عوام تحريڪ جي مارچ جي حمايت جو اعلان ڪندي ڪارڪنن کي مارچ ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. جسقم چيئرمين جو چوڻ هو ته سنڌ بچائڻ لاءِ بنا پارٽي ۽ بنا ڪنهن فرقي جي جهدوجهد جو ميدان ملهائينداسين. ياد رهي ته قومي عوامي تحريڪ جو 4 نومبر تي ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين مارچ جو اعلان ٿيل آهي.