جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ (جسفم) پاران سائين جي ايم سيد جي 117هين سالگراهه تي سوين قومي ڪارڪنن، عورتن، ٻارن جي شرڪت

سن : جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ (جسفم) پاران اڄ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 117هين سالگراهه تي سن بائي پاس کان سيد جي مزار تائين سوين قومي ڪارڪنن، عورتن، ٻارن شرڪت ڪئي. ريليء ۾ شريڪ ڪارڪنن کي قومي جهنڊا، سائين جي ايم سيد جون تصويرون، قومي شهيدن ۽ گم ڪيل قومي ڪارڪنن جون تصويرون پڻ هيون. سنڌ جي قومي هچل ۽ جدوجهد ۾ نئين قائم ڪيل پارٽي جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جي مرڪزي عورتن جي اڳواڻيء ۾ نڪتل ريلي سن بائي پاس کان پيادل قافلي جي صورت ۾ سن شهر ۾ داخل ٿي جتي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن پاران سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي قومي ترانو پڙهيو ويو. جسفم پاران سيد جي 117هين سالگراهه جو ڪيڪ پڻ مزار وٽ ڪٽيو ويو. ريليء ۾ شريڪ سوين قومي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارن نهايت ئي جذبي سان قومي نعرا پڻ  ورجايا ويا. ٻي پاسي جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ جي مرڪزي آرگنائزنگ باڊيء جي ميمبرن پنهنجي پارٽيء جي آفيشل فسبوڪ تان لائيو اچي ريلي کي آرگنائز ڪيو. جسفم جي آفيشل فيسبوڪ پيج جي تان لائيو اچي گڏجاڻيء جي صدارت پارٽيء جي مرڪزي چيف آرگنائز ظفر سهتو ڪئي. جنهن ۾ ڊپٽي چيف آرگنائزر سهيل سنڌي گلف مان، مرڪزي آرگنائزرس محمد علي نوناري جرمنيء مان جڏهن ته حسين سنڌ پڻ شرڪت ڪئي.

پارٽيء جي مرڪزي آرگنائزنگ باڊي جي سمورن ميمبرن سائين جي ايم سيد جي 117هين سالگراهه جا ڪيڪ پڻ ڪٽيا. ان موقعي تي سمورن اڳواڻن سائين جي ايم سيد ک قومي سلام ۽ عقيدت پيش ڪندي چيو ته رهبر سنڌ ديش سائين جي ايم سيد سنڌ جي 10 هزار سالن کان وڌيڪ پراڻي تاريخ ۽ تهذيب جو اهو منفرد ڪردار آهي، جنهن پنهنجي قومي فڪر وسيلي سنڌي قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪري کين قومي غلاميء خلاف جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏنو. سائين جي ايم سيد نه فقط سنڌ پر سموري ڏکڻ ايشيا جو اهو داناء ،مدبر، اصول پسند ۽ اٽل ارادن وارو باڪردار سياسي اڳواڻ ۽ مفڪر هو، جنهن پنهنجي طلسماتي شخصيت ذريعي ننڍي کنڊ جي سياست ۾ عام طور ۽ سنڌ جي سياست ۽ قومي هچل ۾ خاص ڪري تاريخي ۽ منفرد ڪردار ادا ڪيو.

اڳواڻ سهيل سنڌي ، محمد علي نوناري ۽ حسين سنڌي وڌيڪ چيو ته اڄ سموري سنڌ سميت اسان سڀنيء لاء قومي عيد جو ڏينهن آهي ،جنهن تي رهبر سنڌوديش جو جنم ٿيو . سائين جي ايم سيد جي سالگراهه ۽ ورسيء جا پروگرام ان ڪري منفرد آهن جو هتي سنڌ ۾ آباد هر مذهب، ٻولي ۽ ذات پات جو ماڻهو بغير ڪنهن فرق جي شريڪ ٿي سيد کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿو.

گڏجاڻيء جي آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي جسفم جي مرڪزي چيف آرگنائزر ظفر سهتو چيو ته هن قومي ڏينهن تي اسين سموري سنڌ کي سائين جي ايم سيد جي سالگراهه جي مبارڪباد ڏيون ٿا. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي موجدا سياسي صورتحال ۽ قومي تحريڪ جي مجموعي تجربن کان پوء اسان دوستن گڏجي فيصلو ڪيو ته سنڌ کي هڪ اهڙي سنجيدا ۽ نج انقلابي سياسي تنظيم ڏجي جيڪا سائين جي ايم سيد جي فڪر کي رهنما بڻائي سنڌ ۾ موجود سياسي جمود، بيچيني ۽ نراسيت کي ختم کي قوم هلچل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جسفم ادارن تي مشتمل گڏيل قيادت جي تصور هيٺ ۽ برابريء جي بنياد تي قائم ڪئي وئي آهي. اسان جي هر ممڪن ڪوشش هوندي ته هن سنڌ سميت هن سموري خطي ۽ دنيا جي تيزيء بدلجندڙ سياست ۾ هڪ ذميواراڻو ۽ سنجيدا ڪردار ادا ڪندي سنڌ کي سندس جائز تاريخي مقام ڏياريون. اهو تاريخي مقام جنهن جي لاء سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد آزاد سنڌوديش جو فڪر ڏئي سموري حياتي جدوجهد ۾ گذاري.