جيئي سنڌ تحريڪ جو وقتي صدر فتاح چنا دوست سوڌو رياستي ادارن هٿان کنڀجي ويو

ڪوٽڙي:- جيئي سنڌ تحريڪ جو وقتي صدر فتاح چنا دوست سوڌو کنڀجي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فتاح چنا ۽ سندس دوست عبدالهادي ڪوٽڙي جي خورشيد چوڪ ڀرسان هڪ هوٽل تي ويٺا هئا ته ٽن گاڏين ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن ٻنهي ڄڻن کي کنڀي گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا، وارثن به واقعي جي تصديق ڪري ڇڏي. عبدالفتاح چنا جي ڀاءُ منير چنا ٻڌايو ته قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي گاڏيءَ ۾ آيل اهلڪار ٻنهي کي کنڀي ويا آهن، هوٽل تي ويٺل ماڻھن کين فون تي واقعي جو اطلاع ڏنو. هن چيو ته اطلاع تي فتاح سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر سندس موبائيل فون بند مليو. منير چنا چيو ته، ٻن ڪلاڪن بعد فتاح پنهنجي موبائيل تان فون ڪري ٻڌايو ته هو قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي حراست ۾ آهي ۽ محفوظ آهي. هاڻي سندس موبائيل فون به کليل آهي پر مسلسل ڪال ڪرڻ باجود اٽينڊ نٿو ٿئي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڪوٽڙي ٻڌايو ته هو اهڙي قسم جي واقعي کان بي خبر آهي