جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا ڏيڍ مهينو گذري وڃڻ باوجود گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي

حيدرآباد:- جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عبدالفتاح چنا ڏيڍ مهينو گذري وڃڻ باوجود سندس ڪو به پتو نه پيو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ قومپرست اڳواڻ جي آزادي لاءِ سندس وارثن ۽ دوستن پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي منير احمد، نبيل احمد، نديم علي ۽ ٻين چيو ته 43 ڏينهن گذرڻ جي باوجود عبدالفتاح چنا جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي، جيڪا سراسر ناجائزي آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن عبدالفتاح چنا مٿان ڪو ڪيس آهي ته کيس فوري طور ڪورٽ ۾ پيش ڪري سندس گرفتاري ظاهر ڪري ڪيس هلايو وڃي.