جيئرن جي برباد ٿيل سنڌ جا قبرستان : ليکڪ سهيل ميمڻ

سنڌ قبرستان اٿارٽي ٺاهڻ جو مطالبو . قبرستانن جي سڌاري لاِء لکيل مضمون . هر هڪ ماڻهون جو مسئلو . دوست وس وارن ڏانهن فارورڊ ڪن , من ڀلو ٿئي .

جيئرن جي برباد ٿيل سنڌ جا قبرستان ..

سهيل ميمڻ

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي جيئرن جو جهان آهي . جيئرن جي زندگي جو وهنوار هلائڻ لاءِ سوين کاتا ٺهيل آهي ، انسان جيئرو آهي ته اهو انهن سوين کاتن جي مدد سان پنهنجي خاندان ،گهر ، پاڙي تو ڙي ملڪ ۾ زندگي کي آسان ۽ خوبصورت بنائڻ لاءِ پيو جتن ڪندو آهي پر جڏهن ساڳيو انسان اسان جی دیس ۾ فوت ٿي ٿو وڃي ته ان کي قبرستان ۾ دفن ڪري اچجي ٿو ته هن کي ٻيو ته ڇڏيو مذهبي هدايتن موجب عزت سان دفن ٿيڻ جي جاءِ به نه ٿي ملي . سنڌ جا قبرستان ، جيئرن جي برباد ٿيل سنڌ کان وڌيڪ تباه ٿيل آهن . ماڻهن پنهنجن پيارن کي پوري اچن ٿا پر اهو نه ٿا ڏسن ته سندن قبرون گٽر جي پاڻي ۾ پيون آهن . اهو نه ٿا ڏسن ته ڪنهن ٻار جي تازي قبر کي کوٽي ڪتا ان معصوم جو گوشت کائي ويا ، اهو نه ٿا ڏسن ته مري ويلن لاءِ اها جاءِ مخصوص ٿيل آهي ان تي قبضو نه ڪجي .

مون اهڙي ئي صورتحال ڏسي روهڙي ۾ ٻيڙي چوڪ تي مختيار ڪار روهڙي واري پنهنجي اباڻي قبرستان جي حالت ڏسي ، بار بار ميونسپلٽي روهڙي کي شڪايتون ڪرڻ بعد ڪو کڙتيل نه نڪرڻ ڪري ، سڄي سنڌ جي قبرستانن جي خراب حالت تي هاءِ ڪورٽ آف سنڌ سکر ۾ هڪ آئيني پٽيشن نمبر 92 ، 2020 ، جنوري ۾ داخل ڪئي جيڪا هر ڀيري ارجنٽ درخواست ڏيڻ باوجود ڏهه مهينن ۾ رڳو ٻن حاضرين تائين پهتي آهي ۽ اهو به تاريخ تي تاريخ واري حڪم هيٺ ، نه ته ڏٺو وڃي ته ڪيڏو وڏو عوامي مفاد عامه جو بنيادي مسئلو آهي ۽ اسان سڀني جي آخري جاءِ قبرستان ئي آهي . منهنجي اها هڪ پٽيشن نه پر سنڌ جي ننڍين وڏين عدالتن ۾ قبرستانن جا سوين ڪيس پيل آهن جيڪي رڳو تاريخن جي ور چڙهيل آهن . مون ان پٽيشن ۾ عدالت سڳوري کي درخواست ڪندي چيو آهي ته قبرستانن جو مسئلو ، مذهبي ، اخلاقي ، قانوني ۽ روحاني طور اهم مسئلو آهي .مون پٽيشن ۾ روهڙي جي مفتي مولوي عبدالوهاب چاچڙ صاحب جي فتوي پڻ لڳائي آهي جنهن ۾ هن مذهبي حوالي سان حوالا ڏئي ثابت ڪيو آهي ته قبرستان جي صفائي مسلمانن تي لازمي آهي ، قبرستان ۾ پيشاب ڪرڻ ، ٻيو گند ڪرڻ ناجائز آهي ، پر جنهن قبرستان ، مختيارڪار قبرستان روهڙي جو مون مثال ڏنو آهي ان جي چوڌاري قبضه گيرن قبضه ڪري ته ڇڏيا پر آهن انهن قبضه ٿيل گهرن ، هوٽلن ۽ دڪانن جون ناليون وري قبرستان پاسي ڇوڙ ڪن ٿا ، پاڙي وارا گند سڄو قبرستان ۾ اڇلين ٿا ڪو جهلڻ وارو ناهي ، پورو قبرستان ڄڻ گٽر جي گندي بدبودار پاڻي جي ڍنڍ هجي . ان قبرستان ۾ وڃڻ جا ٽي رستا آهن هڪ مختيارڪار روهڙي واري آفيس وارن جي قبضي هيٺ آهي . اهو انهن بند ڪري اتي چانهه جو هوٽل ٺاهي ڇڏيو آهي ، ٻيو رستو ڏاڪڻ ۽ گيٽ وارو هڪ ماڻهون گهر ٺاهي اتي پردا هڻي بند ڪري ڇڏيو آهي باقي ٽيون رستو کليل آهي جنهن مان داخل ٿيڻ لاءِ ميت کي تقريبا هڪ ڪلوميٽر پريان کان ناڪي واري پاسي کان کڻي اچي قبرساتن ۾ داخل ٿجي ٿو ، اصل ۾ اها حالت روهڙي شهر جي ان هڪ قبرستان جي ناهي ، ان ڪري منهنجو اهو ڪيس پڻ عدالت ۾ سڄي سنڌ جي قبرساتن لاءِ وڌل آهي ،سڄي سنڌ جا قبرستان ، گندگي جو ڍير آهن ، قبضه گيرن جي ور چڙهيل آهن ، ڪراچي ۾ ته حالت اڃان وڌيڪ خراب آهي جو اتي ڪو نظام ئي ناهي ، ماڻهون پورڻ لاءِ جاءِ ئي ناهي . هر ننڍي وڏي شهر ۾ قبرستان جي حالت انتهائي خراب آهي . دنيا ۾ ، خاص ڪري اوڀر جي ملڪن ۾ قبرساتن ايترا صاف سٿرا هوندا آهن جو پاڪستان جو ڪو هڪ سٺي ۾ سٺو پارڪ به انهن جي عام قبرستان سان نه پڄي پر هتي باوجود مذهبي حڪم جي ته قبرستان صاف سٿرا رکو ، ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي . اصل ۾ قبرستانن لاءِ ڌار هڪ سنڌ ليول جو کاتو ، سنڌ قبرستان اٿارٽي ٺهڻ گهرجي جيڪا سڄي سنڌ جي قبرستان جي ذميوار هجي ، قبرستانن تان قبضه ختم ڪرائي ، انهن جي صفائي سٿرائي جي ذميوار هجي ، نوان قبرستان ٺهرائي ، سڄي سنڌ جي قبرستانن جا نقشه ۽ ٻيو رڪارڊ محفوظ ڪري . قبرستانن جو اشو لڳي ايئن ٿو ته ته هڪ عام معاملو آهي پر اهو سنگين معاملو آهي ۽ اسان سڀني جو مستقبل آهي . چوندا آهن ته مئا ، جيئرن وس ، سو مئلن جي قبرن جي پرگهور لهڻ ، گهٽ ۾ گهٽ هڪ صفائي واري جاءِ تي پنهنجن پيارن کي دفنائڻ اسان جيئرن جي وس آهي . سنڌ جا ماڻهون سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪن ته سنڌ ۾ قبرستانن جي لاءِ هڪ مڪمل جدا ڊيپارٽمنٽ ٺاهيو وڃي جيڪو پاور فل به هجي ته سندس بجٽ به بهتر هجي. ان کي هلائڻ واري ٽيم يا بورڊ ۾ مذهبي عالمن کي به کنيو وڃي جيئن اهي به ذميوار هجن . مذهبي تنظيمن کي به اپيل ٿي ڪجي ته هو ان معاملي تي آواز اٿارين. احتجاج ڪن ، راشد محمود سومرو صاحب ۽ جماعت اسلامي ، توڙي ٻين سياسي پارٽين کي ان اهم اشو تي تحرڪ وٺڻ گهرجي باقي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ منهنجو ڪيس پڻ پيل آهي اتان به چڱائي جي اميد رکي سگهجي ٿي