جوهي لڳ ڳوٺ بخش علي رند وٽ پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجڻ دوران ٻه ڀائر ٻُڏي ويا

جوهي: جوهي لڳ ڳوٺ بخش علي رند وٽ پاڻي جي تلاءُ ۾ وهنجڻ دوران ٻه ڀائر ٻُڏي ويا.اتي بيٺل ٻين ٻارن جي رڙين تي آسپاس جي ماڻهن ٻنهي ٻارڙن کي پاڻي مان ڪڍي تعلقه اسپتال جوهي پهچايو، جتي هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي جي حياتي بچائي وئي آهي.فوتي ٻارڙي جي سڃاڻپ احسان ولد حاڪم مڱڻهار طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بچي  ويل نينگر جي سڃاڻپ محسن ولد حاڪم مڱڻهار طور ڪئي وئي آهي.فوتي نينگر جا وارث تعلقه اسپتال پهچي نينگر جو لاش گهر کڻائي ويا آهن، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي.