جوهي جي رهواسين کي 4 مهينن کان پيئڻ جو پاڻي نه مليو، خالي ڊرم کڻي احتجاج

جوهي :- جوهي شھر جي وارڊ پهرين سيد آباد ڪالوني ۾ گذريل چئن مهينن کان پيئڻ جو پاڻي بند واٽر سپلاءِ پائپ لائن نه ڏيڻ تي وارڊ پهرين سيد آباد ڪالوني جي سوين اڃارن معصوم ٻارڙن والدين خالي پاڻي جون ڊرمڙيون کڻي سيد نور محمد شاھ ,ڪامريڊ امين وگهيو عثمان رودناڻي , سيد فهد شاھ ,محمد خان ,عرف نالي مٺو سولنگي ,سيد فيصل شاھ , عبدالحفيظ بروهي ,فاروق اتيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين مجيد جمالي ,سي ايم او, پبلڪ هيلٿ انجنيئر ,راشي ايس ڊي او نثار سولنگي ,غلام حسين پنهور ٺيڪيدار راشد راجبوت , پيٽي ٺيڪيدار محرم ٻٻر ۽ ٻين ڪرپٽ عملدارن خلاف  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هڻندي چيو ته ڪافي وقت کان جوهي شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ناهي ٿيو هنن چيو پ پ جي ٽنهي اقتدار دوران رڳو ڪرپشن ئص ڪرپشن ڪئي وئي آھي هنن چيو ته گذريل چئن مهينن کان وارڊ پهرين ۾ پيئڻ جي پاڻي جا پائپ لڳائڻ بجاء ميونسپل چيئرمين مجيد جمالي پبلڪ ھيلٿ جي ايس ڊي او نثار سولنگي ,۽ ڪرپٽ ۽ ٺيڪيدار راشد راجپوت سان ملي ڀڳت ڪري اهي وارڊ ون جا آيل پائپ وڪرو ڪري ڇڏيا آھن جنهن سبب چئن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپي رهيا آھيون هنن وڌيڪ چيو ته 32 ڪروڙرپين جي لاڳت سان واٽر سپلاء اسڪيم چونڊيل نمائندن ميونسپل چيئرمين ۽ پبلڪ هيلٿ ايس ڊي او  ٺيڪيدارن جي ڪرپشن سبب هڪ ڪروڙ جو به ڪم ناهي ٿيو هنن چيو ته جوهي جي ميونسپل اسيمبلي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بجاء  عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيا آھن عوام ۽ ميڊيا  کان ايڏا خوف زده آھن جو بجيٽ اجلاس به بند ڪمري ڪيو ويو هنن چيو ته پ پ جي حڪمراني عوام  آزار بڻجي وئي آھي چونڊيل نمائندن ڪڏنهن به جوهي شھر جي نڌڻڪي عوام کان مسئلن بابت پڇتو به ناهي. ھنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ,وزير اعلي سنڌ,,نيب چيئرمين ,انٽي ڪرپشن ,صوبائي بلديات جي وزير سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيوآھي ته 32. ڪروڙرپين جي واٽر سپلاء اسڪيم ۾ ھيرا ڦيري ڪندڙ ملوث عملي ۽ ٺيڪيدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جوهي شھر جي وارڊ پهرين ۽ ٻين متاثرين علائقن اندر واٽر سپلاء پائپ لائن جي ٻن ڏينهن اندر  وڇائي ڪري پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سوين معصوم نياڻين  ٻڍن ٻارڙن سميت  نيشنل پريس ڪلب جوهي ناڪي اڳيان شاميانه لڳائي ڌرڻو هڻي مرڻ گهڙي تائين ملوثن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.