جوبائيڊن جو پهريون ڏينهن: مسلمانن تي سفري پابندي جي خاتمي سميت پندرنهن صدارتي حڪم ناما جاري

واشنگٽن:- آمريڪي صدر جوبائيڊن عهدو سنڀاليندي ئي ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن جي اڪثريت رکندڙ ڪجهه ملڪن تي لڳايل سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جوبائيڊن آمريڪا جي 46هين صدر جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻندي ئي مسلمانن تي لاڳو پابنديون ختم ڪرڻ سميت 15 صدارتي حڪم نامن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. انهن ۾ اڪثر حڪم ناما ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالف پاليسي سميت ٻين تڪراري پاليسين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.جوبائيڊن طرفان جن صدارتي حڪم نامن تي صحيحون ڪيون ويون آهن انهن ۾ مسلمانن تي سفري پابندين جو خاتمو، پيرس ماحولياتي معاهدي ۾ شموليت ۽ ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جا حڪم ناما پهرين نمبر تي آهن. آمريڪي صدر پنهنجي شروعاتي حڪم نامي ۾ صحت جي عالمي اداري ڏانهن واپس وڃڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جنهن کان ڊونلڊ ٽرمپ اهو چئي ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو ته اهو ادارو ڪورونا وائرس جي دوران چين سان سختي ناهي ڪري رهيو.ان موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته حڪم ناما ۽ هدايتون جاري ڪرڻ جي لاءِ وقت ضايع نٿا ڪري سگهون. اسان ڪورونا بحران کي ڪنٽرول ڪنداسين. ڪورونا سبب متاثر معيشت جي بحالي لاءِ امداد فراهم ڪنداسين.ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪنداسين ۽ نسلي مساوات کي هٿي ڏينداسين. آمريڪي صدر طرفان ٻين صدارتي حڪم نامن ۾ وفاقي  هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو. ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وائٽ هائوس ۾ نيون آفيسون کولڻ شامل آهن