جهمپير پاور لميٽڊ پنهنجي مقتول ملازم جي مالڪي کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي

جهمپير :- جهمپير ۾ J.P.L جهمپير پاوور لميٽيڊ ونڊ آنرجي ۾ ٽربائن نمبر 3 تي ڊيوٽي دوران قتل ٿي ويل ملازم صدام حسين ٻٻر جي ڪمپني مالڪي ڪرڻ  تان هٿ کڻي وئي ڪمپني جي آيڊمن آفيسر شاهد آرائين صحافين کي سوالن جو جواب ڏيڻ بدران داٻا ڏيڻ تي لهي آيو جڏهن ته پريس ڪلب جهمپير جي صحافين پاران جي پي ايل جي انتظاميا سان قتل ٿي ويل واچ مين بابت پڇا ڪئي ته هو تفصيل ڏيڻ کان لنوائي ويو ۽ صحافين کي فون تي سيڪيورٽي فورسز جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳو ته هتي فوج ڪم پئي ڪري توهان جو ڪو ڪم ناهي ايڊمن شاهد جي اهڙي رويي تي جهمپير جي صحافتي حلقن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل  آھي جڏھن ته J.P.L جي پي ايل جي ايڊمن تي مقامي ماڻھن تي تشدد ۽ جبري قيد جون جهمپير ٿاڻي تي آيف آءِ آر داخل ٿيل آھي.