جهمپير لڳ قائم وِنڊ انرجي تي ڊيوٽي دوران چوڪيدار بي دردي سان قتل

جهمپير :- جهمپير لڳ قائم ونڊ آنرجي ۾ رات دير سان ارباب ڀائي خان ٻٻر جهرڪ جو رهواسي نوجوان چوڪيدار صدام حسين پٽ بابو ٻٻر ڊيوٽي دوران قتل ،قتل جو ڪارڻ معلوم ن ٿي سگهيو ، تفصيل موجب رات دير سان جي پي ايل J.P.L ونڊآنرجي جي ٽربائن نمبر 3 تي چوڪيداري جي ڊيوٽي ڪندڙ صدام حسين پٽ بابو ٻٻر قتل ٿي ويو فوتي جو لاش سندس ويجهي عزيز پيارو ٻٻر ڏسي پوليس کي اطلاح ڪيو جنهن بعد ڊي ايس پي جهرڪ ايس ايڇ او جهمپير واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال مڪلي روانو ڪيو ويو جڏھن ت واقعي جي ڪارڻ معلوم ٿي ن سگهيو پوليس موجب پوسٽ مارٽم بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏھن ت فوتي کي مبينا ڪهاڙي يا ڪنهن تيز ڌارآوزار سان  مٿي ۾ پٺيان ڌڪ هڻي قتل ڪيو ويو آھي.