جهانگير ترين ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شپ واري عهدي تان هٽائڻ جي ترديد

اسلام آباد:-  پي ٽي آءِ جي اهم ترين اڳواڻ جهانگير ترين ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شپ واري عهدي تان هٽائڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مان ڪڏهن به ڪنهن ٽاسڪ فورس جو چيئرمين ناهيان رهيو. خبرون بي بنياد آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هن چيو ته ڪڏهن به ٽاسڪ فورس جو چيئرمين ناهيان رهيو، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو نوٽيفڪيشن آهي ته اهو ڏيکاري جنهن ۾ کيس چيئرمين واري مقرر جو لکيل هجي. هن چيو ته کنڊ بحران بابت انڪواري ڪندڙ ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهيان، جيڪي رڪارڊ گهريا پيا وڃن، اهي ڏئي رهيو آهيان.