جنوري 2021ع کان يورپي شهرين کي برطانيا لاءِ ويزا جي ضرورت پوندي

واشنگٽن :  برطانيا  جي ملڪھ الزبيٿ برطانوي پارليامينٽ  کي خطاب دوران وزيراعظم بورس جانسن طرفان تيار ڪيل اميگريشن جي ان قانوني مسودي کي متعارف ڪرايو آهي جيڪو يورپي يونين جي برطانيا کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ لاڳو ٿيندو. ان بل هيٺ يورپي ملڪن جي شهرين لاءِ آزاد طور تي برطانيا اچڻ وڃن جي سهولت 2021ع تائين ختم ٿي ويندي ۽ برطانيا اچڻ لاءِ ويزا جي ضرورت پوندي. برطانوي حڪومت جو چوڻ آهي ته اميگريشن لاءِ پوائنٽس جي بنياد تي هڪ نئون قانون متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ مستقل رهائش جي خواهشمند ماڻهن لاءِ انهن جي هنر ۽ برطانيا لاءِ ان جي فائدي جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. جڏهن ته ان نئين قانون هيٺ يورپي ملڪن مان برطانيا ايندڙ 34 لک ماڻهن کي واپس وڃڻ تي مجبور نه ڪيو ويندو ۽ برطانيا ۾ رهي سگهندا. برطانيه  کي يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جي تاريخ 31 آڪٽوبر آهي.