جنهن رات آمريڪين ذوالفقار علي ڀٽو کي مارائڻ جو فيصلو ڪيو: ليکڪ ذوالفقار قادري

92 سالگره جي موقع تي لکيل
جنهن رات آمريڪين ذوالفقار علي ڀٽو کي مارائڻ جو فيصلو ڪيو
ذوالفقار قادري
ذوالفقار علي ڀٽي جي موت جو فيصلو تہ 10 آگسٽ 1976ع جي ان رات ئي ٿي چڪو هو، جڏهن آمريڪي وزير خارجه ڊاڪٽر هينري ڪسنجر پنهنجي حسين جميل زال نينسي سان گڏ ”شاهي قلعي“ لاهور جي سبزه زار تي گورنر پنجاب نواب صادق حسين قريشي پاران سندس جي مان ۾ سجايل محفل ۾ موجود هو. اڳئين صف ۾ سٗرور ۾ ويٺل ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ڊاڪٽر هينري ڪسنجر فريده خانم جي
” وہ عشق جو ھم سے روٹھہ گیا اب اس کا حال بتائیں کیا ” ” آج جانے کی ضد نا کرو ” ” کچھہ عشق تھا کچھہ مجبوری تھی سو ھم نے اپنا جیون وار دیا ” جهڙين غزلن تي ڪنڌ پئي لوڏيو. ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي اردو ته سمجهه ۾ نه پئي آئي، پر فريده خانم جي گائيڪي جي انداز ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ڪنڌ لوڏڻ تي مجبور پئي ڪيو. ان لمحي کلندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر، ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو هو ٖ
“Mr. Bhutto, we will run rail road engine over you”
تنهن تي ذوالفقار علي ڀُٽي وڏو ٽهڪ ڏيندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي چيو هو ته:
“When the time will come, we will see to that also”.
اها رات ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ جي اهم رات هئي، جڏهن فريده خانم جي راڳ بعد ۽ ڊنر تي وڃڻ کان پهرين ذوالفقار علي ڀٽي تقرير ڪندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ياد ڏياريو ته “ مسٽر ڪسينجر جنهن هنڌ تي اسين ويٺا آهيون، اهو قلعو اسان جي بادشاهن جو مسڪن رهيو آهي، جتي بادشاهه جي رهائشگاهه به هوندي هئي ته درٻار به لڳندي هئي، مهمانن جون دعوتون به ٿينديون ته خاص قيدي به رکيا ويندا هئا. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي، ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ٻڌايو هو ته ڪيئن شهزادو سليم هڪ ڪنيز انارڪليءَ جي عشق ۾ هندستان جي سلطنت ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر هڪ اناپرست شهنشاهه اڪبر پنهنجي وقار ۽ انا خاطر انارڪليءَ کي قلعي جي ديوار اندر بند ڪرائي ڇڏيو. انارڪلي ڪنيز ٿي ڪري شهنشاهه اڪبر جون سڀ مراعاتون عشق خاطر ٺڪرائي مرڻ قبول ڪيو. سو اسان تہ هڪ شاندار تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ آهيون، هڪ ڪنيز پنهنجي محبوب خاطر ايڏي قرباني ڏئي سگهي ٿي ته اسان پنهنجي ديس جي وقار خاطر ڪئين جانيون قربان ڪري ڇڏينداسين. ذوالفقار علي ڀٽي جي تقرير بعد جڏهن ڊاڪٽر هينري ڪسنجر تقرير ڪرڻ آيو ته هن پنهنجي تقرير جو آغاز هنن لفظن سان ڪيو:
Ladies and Gentle men, its my misfortune that I have to speak after Mr. Bhutto, who is the best orator in the world today. He has not only made a speech but he has spoken better English than me.
پوءِ رات دير تائين هينري ڪسنجر ذوالفقار علي ڀٽي کي سمجهائيندو رهيو ته هو ايٽمي پروگرام تان هٿ کڻي وڃي، ان جي بدلي آمريڪا اربين ڊالر امداد، فوجي سهڪار ۽ گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر موئن جي دڙي جي مٽي جي خمير مان جڙيل هي ارڏو انسان اٽل ٿي بيهي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي کيس صرف ايترو چيو ته، مسٽر ڪسنجر، توهان آمريڪا جا پهريان اديب وزير خارجه آهيو، پر لڳي ٿو ته اوهان سنڌو سڀيتا جي تاريخ ناهي پڙهي. الينگزيڊر دي گريٽ بہ دنيا کي فتح ڪرڻ جو خواب کڻي يونان مان هليو هو ٖ پر سڪندر جي ان خواب کي اسان سنڌو سڀيتا وارن سانڀيان ٿيڻ نہ ڏنو هيو ٖ ۽ آخر سڪندر اسان وٽان بيمار ۽ مايوس ٿي واپس موٽيو ۽ ان غم ۾ ئي سندس موت واقع ٿيو هو ٖ اسين پنهنجي عزت ٖ وقار ۽ تشخص جي بقا خاطر موت کي قبول ڪري سگهون ٿا پر جهڪي نہ ٿا سگهون ٖ تنهن تي ڊاڪٽر هينري ڪسينجر ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو هو “ مسٽر ڀٽو ! اسين توکي دنيا آڏو عبرت جو مثال بڻائي ڇڏينداسين “ تنهن تي ڀٽي جواب ۾ ڊاڪٽر هينري ڪسينجر کي چيو هو “ مسٽر ڪسينجر اوهان هن وقت اسان جا مهمان آھيو ٖ اسين تڏي تي آيل دشمن کي بہ مان ڏيندا آهيون “ اوهان اهي لفظ آمريڪا ۾ پهچي مون کي چئجو ٖ اوهان کي اوهان جي لفظن جو جواب ملي ويندو “ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان جواب بعد ان رات ئي ذوالفقار علي ڀٽي جي موت واري فلم جو اسڪرپٽ لکجڻ شروع ٿي ويو، ۽ پوءِ سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جون هدايتون ملڻ شروع ٿي ويون. پوءِ 5 جولاءِ 1977ع جي اها ڪاري رات آئي، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو آخري پريس ڪانفرنس ڪري ٽي وي سينٽر مان وزير اعظم هائوس پهتو ته کانئس غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز علي ڀٽو، حفيظ پيرزادو، ڪوثر نيازي ۽ غلام مصطفيٰ کر موڪلائي پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيا ته رات دير سان ذوالفقار علي ڀٽي سان آخري ملاقات پاڪستان ۾ متعين آمريڪي سفير ڪئي. هڪ طرف وزير اعظم ڀٽي ۽ آمريڪي سفير جي ملاقات جاري هئي ته ٻئي طرف سڏ پنڌ تي هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق جي رهائش گاهه آرمي هائوس تي فوج جا ڪور ڪمانڊر، پرنسپل اسٽاف آفيسر ۽ فارميشن آفيسر گڏجڻ شروع ٿي ويا. 5 جولاءِ 1977ع جي فوجي ڪارروائي جو انچارج ڏهين ڪور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي کي بڻايو ويو، ۽ طئي اهو ٿيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو مزاحمت ڪري ته شيخ مجيب الرحمان جيان کيس سموري خاندان سميت اڏايو وڃي. فوجي دستن ۽ ٽينڪن سميت وڃي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي حراست ۾ ورتو ، ان سان گڏ ملڪ اندر اسيمبليون ٽوڙي مارشل لا نافذ ڪئي وئي. ۽ پو۽ 4 اپريل 1979ع جي رات ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ٖ