جنرل پرويز مشرف جو اقتدار تي قبضو ڪرڻ: ليکڪ ذوالفقار قادري

3 فيبروري 1997ع وارين چونڊن ۾ ”ڀاري مينڊيٽ“ کڻي جيئن ئي ميان نواز شريف وزير اعظم ٿيو ته، ان ”ڀاري        مينڊيٽ“ ميان صاحب کي غرور ۾ آڻي ڇڏيو. سڀ کان پهريائين وزير اعظم نواز شريف حزب اختلاف خلاف ڪارروائيون ڪندي پنهنجي رائيٽ هينڊ منسٽر سيف الرحمان هٿان احتساب سيل جوڙائي بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن خلاف مختلف ڪيس داخل ڪرائي انتقامي ڪارروائيءَ جو آغاز ڪيو. حزب اختلاف کي سوڙهو ڪرڻ بعد وزير اعظم نواز شريف پارليامينٽ جي بالادستي تي وار ڪندي ڪئين بل بحث کان سوا چند لمحن ۾ پاس ڪرايا. ان سان گڏ اهو حڪم به صادر ڪيائين ته مسلم ليگ جو جيڪو ميمبر حڪومتي بل جي مخالفت ڪندو، اهو پارليامينٽ جي رڪنيت کان الڳ ڪيو ويندو. ڄڻ ٻئي طريقي سان پارٽيءَ اندر هڪ آمريت مڙهي وئي. پارليامينٽ بعد هن ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۽ ملڪ جي صدر سان مهاڏو اٽڪايو، جنهن جي نتيجي ۾ صدر فاروق لغاريڇ ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي پنهنجا عهدا ڇڏڻا پيا. پنهنجي ان غرور جو رخ هاڻي ميان نواز شريف پاڪستان جي هٿياربند فوج ڏانهن تبديل ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت پاران ملڪ جي نظام تي نظرداري خاطر سيڪيورٽي ڪائونسل جي قيام واري راءِ کي وزير اعظم ميان نواز شريف حڪومتي معاملن ۾ مداخلت سمجهندي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت کي ايترو سوڙهو ڪيو جو جنرل جهانگير ڪرامت، وزير اعظم سان مهاڏو اٽڪائڻ بجاءِ قبل ازوقت رٽائرمينٽ وٺي چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو ڇڏي ڏنو. وزير اعظم نواز شريف پنهنجي صوابديدگيءَ جا آئيني ختيار استعمال ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج ۾ (War Strategy) طور اهميت جوڳي ڪور ون منگلا جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل پرويز مشرف کي سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن رحمدل ڀٽي، علي قلي خان ۽ ٻين کي Supersede ڪندي فل جنرل جي رينڪ تي ترقي ڏئي کيس نئون چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو. چون ٿا ته، شروعاتي ڪجهه وقت ته وزير اعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جا تعلقات بهتر رهيا، پر جڏهن ڪارگل ۽ دراس واري محاذ تي مبينه طور پاڪستان ۽ هندستان جي فوجن درميان جهڙپن بعد آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي مداخلت بعد ٿيل جنگ بندي ۽ محاذ تان فوجن جي واپسي تان وزير اعظم نواز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف درميان اختلافن جو آغاز شروع ٿيو. ڪارگل واقعي ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ٿيندڙ جاني نقصان جو ذميوار وزير اعظم نواز شريف طرفان ڪارگل محاذ جي غلط رٿابندي ڪندڙن تي مڙهيو ويو، جڏهن ته عسڪري ذريعا وزير اعظم پاران جلد بازي ۾ جنگ بندي ڪندي هٿياربند فوج کي محاذ تان واپس گهرائڻ واري اعلان کي غلط ڪوٺيندا رهيا. اهڙي صورتحال ڏسندي وزير اعظم نواز شريف فوج اندر پنهنجو حلقو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جي وزارت اعظميٰ واري دور ۾ مشهور اٽڪ سازش ڪيس جي سزا يافته هڪ ڪردار ۽ نواز ڪابينا ۾ وفاقي وزير طور مقرر ميجر (رٽائرڊ) نادر پرويز جي ويجهي عزيز ۽ ڪوئيٽا جي ڪور ڪماندر ليفٽيننٽ جنرل طارق پرويز، انٽر سورسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل خواجه ضياءُ الدين بٽ، وفاقي وزير چوڌري نثار جي ڀاءُ سيڪريٽري ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) افتخار علي خان ۽ ٻين سان واسطا وڌايا. چيو ٿو وڃي ته ڪوئيٽا جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل طارق پرويز جنرل هيڊ ڪواٽر اندر چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف جي زير صدارت ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ فارميش آفيسرن جي اجلاسن جون خبرون خفيه طور وزير اعظم نوز شريف کي پهچائيندو هو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڪوئيٽا جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل طارق پرويز جي ايڇ ڪيو مان سڌو سنئون وزير هائوس ۾ ملاقات ڪئي ته ان معاملي ويتر حالتن کي بگاڙي ڇڏيو. رد عمل طور آرمي چيف جنرل پرويز مشرف، ڪوئيٽا جي ڪور ڪمانڊر طارق پرويز کي قبل از وقت فوج مان رٽائر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. وزير اعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي اهڙي رويي کان تنگ ٿي کيس عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

نواز شريف 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن دبئيءَ کان واپس اسلام آباد پهتو ته انهيءَ ڏينهن ٺيڪ ٽئين بجي منجهند جو سيڪريٽري ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) افتخار علي خان ۽ وزير اعظم جي پرنسيپل سيڪريٽري سعيد مهدي کي وزير اعظم هائوس گهرائي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف جي برطرفي ۽ انٽر سروسز انٽيليجنس جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل خواجه ضياءُ الدين بٽ کي فور اسٽار جنرل جي رينڪ تي ترقي ڏئي هٿياربند فوج جي نئين چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري جو آرڊر ٽائيپ ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هوڏانهن پرڏيهه ويل جنرل پرويز مشرف سريلنڪا جي راڄ ڌاني ڪولمبو مان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي ايئر بس فلائيٽ PK 805 ذريعي وطن واپسي لاءِ ڪراچي روانو ٿي چڪو هو. ڪراچي ۽ نوابشاهه جا ايئر پورٽ جتي ممڪن طور جهاز لهڻو هو، سي سيل ڪيا ويا. 12 آڪٽوبر جي منجهند جو ساڍي ٽين وڳي وزير اعظم نواز شريف جنرل مشرف جي برطرفي ۽ جنرل ضياءُ الدين جي نئين آرمي چيف جي تقريري واري آرڊر تي صحيح ڪئي. ويهن منٽن بعد اها خبر ريديو ۽ ٽيلي ويزن تان نشر ڪئي وئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هوڏانهن جي ايڇ ڪيو ۾ هنگامي طور چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمد عزيز خان، پاڪستان جي هٿياربند فوج جي 10 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمود سميت ڪجهه فارميشن آفيسرن ۽ پرنسپل اسٽاف آفيسرن کي گهرائي نئين پيد اٿيل صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو. ايتري ۾ نئون مقرر ٿيل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الدين آرمي چيف جي وردي ۾ بيج هڻي جي ايڇ ڪيو پهتو، پر چيف آف جنرل اسٽاف جنرل محمد عزيز خان کيس نئين آرمي چيف طور قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي کيس چيف جي آفيس ۾ ويهارڻ کان نابري واري، جنهن تي جنرل ضياءُ الدين فوري واپس وزير اعظم هائو س پهتو، جتي ماجرا نواز شريف کي ٻڌايائين. جنهن وري پنهنجي ملٽري سيڪريٽري برگيڊيئر جاويد اقبال ذريعي شهباز شريف جي قائم ڪيل ايليٽ فورس ذريعي پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد جي بلڊنگ کي قبضي ۾ آڻي وزير اعظم نواز شريف پاران ڇهين وڳي قوم سان خطاب جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. هوڏانهن وزير اعظم هائوس پاران سول ايوي ايشن جي ڊائريڪٽر جنرل امين ا چوڌري، ڊائريڪٽر آپريشن ريڊار يوسف عباس کي هدايتون ڏنيون ويون ته ڪولمبو کان ايئر فلائيٽ 805 پي ڪي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي ايئر پورٽ تي لهڻ نه ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو سيد غوث علي شاهه، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ رانا مقبول ۽ ڊي آءِ جي ڪراچي اڪبر آرائين کي حڪم ڪيو ويو ته زبردستي لهڻ جي صورت ۾ جنرل مشرف کي گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڪراچي جو متبادل ايئر پورٽ نوابشاهه آهي، اتي به ايس ايس پي نوابشاهه احسان ا گوندل کي چيو ويو ته جنرل مشرف کي ايئر پورٽ تان ٻاهر نه ڇڏيو وڃي. پاڪستان جي هٿيار بند فوج اهڙي طريقي سان پنهنجي چيف جي برطرفي کي پنهنجي توهين سمجهندي تحرڪ ۾ اچي وئي. جي ايڇ ڪيو ۽ ليفٽيننٽ جنرل عزيز خان ۽ 10 ڪور جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمود صورتحال سنڀاليندي ڪراچي جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل مظفر عثماني جنرل مشرف جي جهاز جي سلامتي سان ڪراچي ايئر پورٽ تي لينڊنگ بابت طئي ڪري ورتو. اهڙي طرح جنرل عثماني ۽ جنرل آفيسرڪمانڊنگ جي او سي ڪراچي ميجر جنرل افتخار ملير ڇانوڻي مان هٿياربند فوج جي يونٽن کي (Move Order) جاري ڪندي ڪراچي ايئرپورٽ کي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو. جهاز جي پائلٽ جنرل مشرف کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ جڏهن پائلٽ کي ڪنٽرول ٽاور ذريعي خبر پئجي وئي ته ڪراچي ايئر پورٽ کي هٿياربند فوج ڪنٽرول ڪري چڪي آهي ته پائلٽ ڪنٽرول ٽاور ذريعي جنرل مشرف جو رابطو جي او سي ڪراچي ميجر جنرل افتخار ملڪ سان ڪرايو. انهن درميان جيڪا گفتگو ٿي، سان هيٺئين ريت آهي.

جنرل مشرف: مان چيف آف آرمي اسٽاف ٿو ڳالهايان.

جنرل افتخار: سر مان جنرل افتخار ٿو ڳالهايان.

جنرل مشرف: افتخار! عثماني ڪٿي آهي؟

جنرل افتخار: سر! جنرل عثماني وي آءِ پي لائونج ۾ آهن، هو گيٽ تي اوهان جا منتظر هوندا.

جنرل مشرف: ڇا مسئلو آهي؟

جنرل افتخار: سر ٻه ڪلاڪ اڳ اوهان کي رٽائر ڪري جنرل ضياءَ کي چيف مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ اوهان جي جهاز لاءِ رن وي جا رستا بند ڪيا ويا، پر اسان حالتن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، اوهان هاڻي رن وي تي لهي سگهو ٿا.

جنرل مشرف: افتخار! اوهان جي وڏي مهرباني، محمود ۽ عزيز کي چئو ته ڪير به ملڪ ڇڏي نه وڃي.

جنرل افتخار: رائيٽ سر اسين اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون. اهڙي طرح مشرف کي پنهنجي ساٿين سلامتي سان لاهي ملڪ جي حڪومتي واڳ سنڀالي ورتي

اهڙي طرح جنرل پرويز مشرف جو راڄ شروع ٿيو ۽ ڏھہ سال حڪومت حڪمراني ڪيائين