جنرل ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وٺندا رهيا آهن، پر ڪنهن نه پُڇيو هاڻي مامرو طئه ڪري وٺون ٿا. سُپريم ڪورٽ

اسلام آباد :- سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته ماضيءَ ۾ جنرل ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وٺندا رهيا آهن، پر ڪنهن نه پُڇيو، هاڻي مامرو اسان وٽ آيو آهي ته اُن جو به طئه ڪري وٺون ٿا. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اٽارني جنرل ۽ ٻيا پيش ٿيا. جنهن دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته آرمي چيف جي رٽائرمينٽ جي مُدي جو ذڪر ئي نه آهي، ڪيترائي (رولز) قاعده خاموش آهن، ڪجهه روايتون بڻجي ويون آهن.
ماضي ۾ جنرل ملازمت ۾ واڌ وٺندا رهيا ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماضيءَ ۾ 6 کان 7 جنرل ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وٺندا رهيا، ڪنهن پُڇيو به نه. هاڻي مامرو اسان وٽ اچي ويو آهي ته طئه ڪري وٺون ٿا. اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته عام رٽائرمينٽ جي حوالي سان آرمي جا قاعده پڙهو، آرمي ايڪٽ جي رول 262 کي پڙهو، جنرل جي رٽائرمينٽ لاءِ عمر 60 سال ڏني وئي آهي، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته رول 262 ۾ جي رٽائرمينٽ جو ذڪر به نه آهي. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته آئين جي آرٽيڪل 243/3 تحت ڪميشن ملندي آهي.جسٽس ڪياني نه، جنرل ڪياني جي مقرري ٿي: چيف جسٽس ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي مقرريءَ جو پهريون نوٽيڪيشن ڇا ٿو چوي؟ جيڪڏهن رٽائرمينٽ کان 2 ڏينهن اڳ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ ٿئي ٿي ته ڇا هو جاري رکندو؟ جنهن تي اٽارني جنرل عدالت آڏو چيو ته جسٽس منصور علي شاهه صاحب! سٺو نقطو اُٿاريو آهي، هي مامرو ٻيهر مقرري جو آهي، 1948ع کان هيل تائين ائين ئي مقرريون ٿينديون رهيون آهن. جسٽس ڪياني جي مقرري به ائين ئي ٿي هئي. جنهن تي چيف جسٽس اٽارني جنرل جي تصحيح ڪندي چيو ته جسٽس ڪياني نه، جنرل ڪياني جي مقرري ٿي.