جنرل تو غدار نھين ھوتي : ليکڪ نواز شاهه ڀاڏائي

پيارا پاڪستان اعلي جس کا شان ؛ کي پھريون دفعو مارشلا عظيم جو رتبو بخشيندڙ جنرل مرحوم و مغفور حضرت اسڪندر مرزا آھھ ؛ ڇا ته نفيس انسان ھو کلمک يارويس ھٿيارن جو شوقين ڪڏھن ڪڏھن پيگ پاڻي ڪري وٺندو ھو مخالف جنس لاء خاص رغبت ھوس ڏاڍو دل ڦينڪ قسم جو شريف جنرل ھو ڪل وقتي پرھيزگار به ھو ( نماز روزا اي پڻ چڱو ڪم اڃان ٻيو فھم جنھن سان پسجي پرين کي ) ان خيال ۾ ويساھ ھئڻ ڪري مسجدن طرف توجه گھٽ ھوس باقي الله جي مخلوق کي ھڪ قطار ۾ ھلائڻ لاء کيس مارشلا جي جديد نظريي ۾ ويساھ ھوس ان ڪري ھٽلر مسوليني ھلاڪو تيمورلنگ اورنگزيب سندس آئيڊيل ھئا جيسين جيئرو ھو شينھن ٻڪري ساڳي گھاٽ تان پاڻي پيئندا ھئا مرحيات آئين قانون کي فضول شيء سمجھندو ھو جناح صاحب جي 11 آگسٽ واري تقرير پڙھي ٻٽي دفعا کيس الٽيون آيون قرارداد لاھور کي ھو ؛ روح رنجيت ؛ جي اصولن جي نفي ۽ شاعر مشرق محمد اقبال جي ؛ گريٽر پنجاب ؛ واري شاندار فلسفي جي برخلاف سمجھندو ھو جيسين ٻي جنرل اچي کيس ڌڪا ڏئي ڪڍيو تيسين ڪرسي کي مارشلا جي ضمانت سمجھيو لٽڪيو پيو ھو ڪجھ به ھو بھرحال غدار ڪونه ھو سڀ چئو سبحان الله ؛

جنرل محمد ايوب خان ھي ايترو مقبول عوامي ۽ انقلابي قسم جو جنرل ھو جو سندس شخصيت کان متاثر عوام ٽرڪن جي پٺيان سندس پورٽريٽ ٺاھي ھڻايا ھن شريف انسان اسملنگ منشيات ھٿيار کلي عام وڪرو ڪندڙ پٺاڻن کي فروغ بخشي سنڌ جي زمينن کي تين وال ڪرڻ ۾ ھن خودار انسان وسان ڪونه گھٽايو آخر ۾ سندس فڪر کان خائف مخالفن؛ ايوب ڪتو ايوب ڪتو ؛ مھم ھلائي پر سڄو ڏينھن پيو کلندو ھو ۽ ڪرسي کي خدا طرفان مليل امانت سمجھي چنبڙيو پيو ھو جبر ستم غضب جھڙا الفاظ سندس ڪردار آڏو شرمنده ھئا نيٺ کيس آمريت جي عظمت واري مسند تان سندس پيشروئن اچي لاٿو پر بھرحال غدار ڪونه ھو ڇو جو ھو جنرل ھو ؛
جنرل يحي خان ؛ ڪرشماتي قسم جو جنرل ھو ايوب خان جھڙي پاڪيزه جنرل جي رخصتي کان پوء بنا آئين جي ھلندڙ مملڪت خداداد جو چيف مارشل ٿي ويھي رھيو ون يونٽ ھڻي اولھ اوڀر جي نالي تي سڄي نظام جي تڏا ويڙھ ڪيائين بنگالي بابوئن جي اڪثريت کيس کٽڪي رھي ھئي پنجاب جي عددي ٿورائي ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌين بلوچن ۽ مظلوم قومن تي مستقل راتاھو ھڻڻ واري نيڪ عمل ۾ پيش نظر رخني واري خوف ھنکي تمام جلد پنھجي ئي مسلم ڀائرن ۽ ھم وطن سانورن بنگالين سان جنگ جو طبل وڄائڻو پيو نتيجي طور 30 لک مسلمان ڀائر قتل ٿيا ھڪ ڪروڙ جلاوطن ھزارين عورتن جي عصمت دري ٿي اولھ پاڪستان بنگلاديش بڻيو ان تاريخ ساز ڪارنامي جنرل يحي خان کي فاشزم جي سمبال جي شڪل ڏئي ڇڏي يزيد جنرل پنوشي ڊائر جي ھڏڙن ۾ ڪبنڻي اچي وئي ايترين سارين ستم گرين باوجود يحي خان جو دامن صاف ھو ھو غدار ڪونه ھو ؛
جنرل سرڳواسي محمد ضياء الحق رح ھي پڪو اسلام جو عاشق ۽ مجاھد قسم جو ديندار جنرل ھو 1977 ۾ عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري مسلمانن جو نجات دھنده ھي مرد مومن ڪرسي تي ڇا ويٺو ھر طرف ڪافر ۽ ملحد ( قومپرست ڪميونسٽ جھموريت پسند ) ڪٽڪي ۾ ھئا ڪوڙن وسائڻ جي نئين تاريخ رقم ٿي پنھجي محسن ذولفقار علي ڀٽو سان بيوفائي ڪري کيس تخت دار تائين پھچائيندڙ ھي پرھيزگار جنرل اسلام جو ايترو شيدائي ھو جو ؛ صلوات ڪاميٽين ؛ جو رواج ھن وڌو زوري نمازون پڙھائي ڏاڙھيون رکرائي شريعت جي نفاذ لاء قانون ٺاھڻ جھڙا ڪارناما سرڳواسي محمد ضياء الحق جي دور جا يادگار آھن افغانستان ۾ آمريڪا بھادر سان گڏجي ڪافر ملعون روس کي مجاھدن جي فوج جي زريعي ڊالرن جي برسات ۾ شڪست فاش ڏئي طالبان مڪتبه فڪر کي جلا بخشيندڙ جنرل افغانين جو ايترو عاشق ھو جو لکين افغاني سنڌ وٺي آيو جن اسان جي سادن سودن ماڻھن کي پھريون دفعو ڪلاشن ڪوف ھيروئن چرس جھڙين نعمتن سان مالامال ڪيو آخر ۾ انبن جي پيتي ڦاٽڻ ڪري پاڻ ته پنھجي دوستن سميت وڃي جنت ڀيڙو ٿيو پويان دوزخ جي باھ ڇڏي ويو جيڪا 40 سال گذرڻ باوجود ختم ناھي ٿي پاڪستان ۾ رھندڙ ڪروڙين مظلوم سڙي رھيا آھن پر جنرل مرحيات ڪجھ ڪمزورين باوجود غدار ڪونه ھو ؛

سيد مشرف دين شاھ ھي جديد جنرل ھو شراب شباب ڪباب سان راتين جا آنچل اڏارون ڪندڙ جنرل رقاص به ھو ته سٺو قاتل به ھو سندس دور جا يادگار اھي ھئا ته وفاق جي زنجير جو خطاب ماڻيندڙ بينظير ڀٽو ملڪ جي ھائي سيڪيورٽي شھر راولپنڊي ( اھڙو شھر جنھن جي مٿان عقابن کي اڏامڻ جي اجازت ناھي ) ۾ ناقص سيڪيورٽي انتظامن ۽ سٽيل سازش تحت شھيد ٿي وئي بلوچستان جو پوڙھو باغي اڪبر بگٽي تورا بورا جي پھاڙن ۾ ميزائيل جي زريعي ماريو ويو باڪردار سوشلسٽ بلوچ اڳواڻ نواب خير بخش مري جو بھادر پٽ بالاچ خان مري شھادت جو جام ڏوڪي ويو سنڌ بلوچستان ۾ ھزارين ڪارڪن لاپتا ٿيا سوين اجتماعي قبرن جون ڪھاڻيون بي بي سي ۽ سي اين اين جھڙن عالمي خابرو جي ادارن زريعي جي دنيا جي ضمير کي جنجھوڙينديون رھيون ھڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قابض ٿيندڙ ھن سمارٽ جنرل آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سڏي نيٺ ايمرجنسي ھڻي سمورا انساني حق معطل ڪيا تازو ھڪ جذباتي جج وقار سيٺ کيس سندس ڪبيرن صغيرن جي سزا طور ڦاسي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي ته مظلوم ۽ پاڻمرادو بيمار ٿيل جنرل جا پرستار پريشان آھن سنڌ جي پاڻي تي گريٽر ٿل ڪئنال جھڙن منصوبن کان وٺي تيل گئس جي کربين روپيا رقم عياشين ۾ اڏائي پر ان ھوندي به راوي ان ڳالھ تي متفق آھن ته جنرل مشرف کان اھي ھلڪيون ڦلڪيون غلطيون ضرور ٿيون پر ھو شفاف ڪردار جو صاحب 40 سال خدمت ڪندڙ محب وطن آھي ڇو ته جنرل غدار نٿا ٿي سگھن