جناح جو طبعي موت ۽ ساڌو واسواڻي تي حيدرآباد ۾ مهاجرن پاران حملو: ليکڪ محسن جويو

جناح جو طبعي موت ۽ ساڌوواسواڻي تي حيدرآباد ۾ مهاجرن پاران حملو..
محسن جويو

پندرهن آگسٽ 1947 تي هندستان جو ورهاڱو ٿيو. منظم اڳواٽ رٿابندي سان ڦرلٽ ملڪيتن کي باهيون ۽ قتلام ڪرڻ هر پاسي مذهبي وحشت ۽ دهشت هئي.سنڌ ۾ خدا جو خوف رکندڙ اڳ ۾ ئي رهندڙ مسلمان هئا, پر ملڪ تي ٻاهران آيل ٻئي قسم جا ماڻهو حاوي اچي چڪا هئا. تن ڏينهن ۾ قانون مذهبي جنونين هٿان يرغمال بڻجي چڪو هو.ماڻهن جا ڳلا ڪپيندڙ ۽ اڦٽ ماريندڙ خوني قاتل ۽ هلڙبازيون ڪندڙ ڏوهاري ڇوٽ ڇڏيل هوندا هئا ته کين جيڪو وڻين سو سنڌي هندوئن سان ڪندا رهن.
اهڙي ماحول ۾ , انهن ڏينهن ۾ ,مذهبي ڇڙواڳ قسم جي ماڻهن جو هڪ وڏو ٽولو ميران ٻائي اسڪول حيدرآباد —هڪ اهڙو تعليمي ادارو جيڪو آدرشن جي جوت کي روشن رکيو پئي آيو , جنهن زندگي کي ڪا معنئ ۽ قدر ڏنو هو ,ايڪتا , يگانگت ۽ سک شانتي شيوا ڪرڻ ۽ ٻلهار وڃڻ , سمورن انسانن منجهه مٺ محبت ۽ ڀائيچارو قائم رکڻ جهڙن آدرشن جي آبياري ڪري رهيو هو–تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسڪول اندر گهڙي ويو. بهتان بازين جو هڪ طوفان کڙو ڪيو ويو .لڳ ڀڳ ٽيهه هزار کن ماڻهن جي ميڙ اهو ڪوڙ پکيڙيو ته ساڌو واسواڻي جي اداري ۾, جناح جي موت جي موقعي تي ماڻهن ۾ سيرو ورهايو ويو هو.اصل ۾ اهو معمول موجب روزانو ورهايو ويندڙ پرساد هو .شيطان ماڻهن کي موقعو مليو ,ان ڳالهه مهاجرن کي ڀڙڪائي وڌو .مهاجر ساڌو واسواڻي کان اڻڄاڻ هئا.30 هزارن جي ميڙ ۾ هڪ مهاجر پستول ڏيکاريندي سرعام اعلان ڪيو ته ” ساڌو واسواڻي کي زندهه نه ڇڏيو ويندو” جو پنهنجي حرامي پي “لالو” لياقت تي کين وڏو يقين هو.
هڪ مقامي اخبار جو ايڊيٽر ۽ سرڪار جا ڪجهه ماڻهو واسواڻي وٽ پهتا کين پنهنجي آشرم مان نڪرڻ کان منع ڪيائون. ساڌو واسواڻي جواب ڏنو ” مون لاءِ جيتري حياتي خوبصورت آهي اوترو ئي موت به !!ڪرشن جي دنياسندر آهي ..پر سقراط جو موت به هڪ عظيم سندرتا آهي ” پر پوءِ سندس اداري جي ميمبر کي انتهائي بيدردي سان قتل ڪيوويو.وڌيڪ ٻين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هن نيٺ پنهنجي اباڻي شهر حيدرآباد پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سنڌ کي الوداع ڪيو.وڃڻ کان اڳ ساڌو واسواڻي ڀٽ شاهه تي لطيف سائين جي سيوا ۾ پنهنجو سيس نوائي سنگيت سڻيو ۽ روئيندو رهيو .ائين هو چوندو رهيو” اوهان اسان لاءِايترو ڪجهه ڪيو ,اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسين ؟”