جمھوريت جي نالي تي ھارين ۽ آبادگارن سان ظلم بند ڪيو وڃي : اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته گولاڙچي ۾ آبادگارن تان ڪيس ختم ڪيو وڃي۔ ظلم ۽ ناجائزي خلاف احتجاج ڪرڻ ڏوھ ناھي۔ عوام جي آواز کي دٻائڻ جمھوريت نه پر آمريت آھي۔ سنڌ حڪومت جمھوريت جي نالي ۾ ھارين ۽ آبادگارن سان ظلم بند ڪري۔ مھانگائي جي ڪري مزدور، ھاري ۽ غريب ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آھن۔ اٽو ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان سستو ڪيو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته بدين جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف مثالي جدوجھد ڪئي، ھاڻ وري سارين جي ناجائز ڪٽوتي ۽ گھٽ اگھ ملڻ خلاف آبادگار ۽ ھاري سراپا احتجاج آھن، پ پ حڪومت عوام جا مطالبا منظور ڪرڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ بدران عوام جي آواز کي دٻائڻ لاء آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس ڪرڻ بند ڪري۔ اياز لطيف پليجي چيو ته نوجوان تعليم تي ڌيان ڏين۔ تعليم کانسواء ايندڙ وقت جي چئلينجن کي منھن نٿو ڏئي سگھجي۔ بيروزگار ماڻھو ڪراچي ۽ ٻين وڏن شھرن اچي روزگار ڪن۔ لکين غير قانوني ڌاريان اسان جي وسيلن ۽ روزگار جي ذريعن تي قابض آھن۔ سرڪاري نوڪري به حق آھي پر مھانگائي ۽ غربت سان مقابلي لاء ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪيا وڃن۔ حڪمرانن کي ڪو به احساس ناھي ان ڪري انھن ڏانھن ڏسڻ بدران محنت ۽ اڻٿڪ جدوجھد ذريعي اڳتي اچي زندگي کي بھتر بنايو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته بجلي تمام گھڻي مھانگي آھي۔ اھا سستي ڪئي وڃي۔ بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آھي، انڪري بجلي جي چوري بند نٿي ٿئي۔ ان صورتحال جو وڏي ۾ وڏو نقصان عام صارفين کي ٿي رھيو آھي۔ ناجائز ڳرا بل ملڻ ڪري ماڻھو سخت تڪليف ۾ آھن۔