جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه مير عالي خان بگٽي خلاف قتل ڪيس ماڊل ڪورٽ منتقل

سانگهڙ :- جمهوري وطن پارٽي جي سربراهه نواب مير عالي خان بگٽي سيشن جج سانگهڙ جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ڪوٽ نواب مان هزارين ماڻهن جي قافلي ۾ پهتو. وڪيلن جي هڙتال سبب سندس وڪيل طارق چوڌري سندس وڪالت نامو سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ درخواست داخل ڪرائي ته سندس موڪل جو موقف آهي ته هن جو ڪيس ماڊل ڪورٽ ۾ پيش ڪري جلد انصاف فراهم ڪيو وڃي. عدالت سندس درخواست منظور ڪندي ڪيس ماڊل ڪورٽ ريفر ڪري ڇڏيو. ماڊل ڪورٽ 21 آگسٽ کان سندس ڪيس تي ڪاروائي شروع ڪندي. نواب عالي بگٽي تي 5 سال اڳ نهال نظاماڻي جي فرياد تي 2 ماڻهن جي قتل ۽ 2 ماڻهن جي زخمي جوڪيس ڇوٽياريون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ نواب مير عالي خان بگٽي، شاهزين بگٽي، دريخان بگٽي، امام الدين، شاهنواز، سڪندر بڙدي، صادق بڙدي شامل آهن. مٿن محمد حسن کوسو غلام مصطفي کوسو کي قتل ۽ ڪامل کوسو نصير ناريجو کي زخمي ڪرڻ جو الزام آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي نواب عالي بگٽي چيو ته عمران خان جي آمريڪا جي دوري سان افغانستان جو مسئلو حل ٿي ويندو. ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيندو، مهنگائي سان غريب ماڻهو ڪمزور ٿي ويو آهي. عمران خان به بلوچستان جي عوام لاءِ ڪو به ڪم نه ڪيو آهي سينٽ جي چيئرمين جي تبديلي جمهوري انداز سان ٿيندي.