جمهوري جدوجهد جي دعويٰ ڪندڙن جي هٿن ۾ هٿيارن جي موجودگي جو مطلب ڇا آهي : فردوس عاشق .

اسلام آباد: وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جمهوري جدوجهد جي دعويٰ ڪندڙن جي هٿن ۾ هٿيارن جي موجودگي جو مطلب ڇا آهي.فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته حڪومت مولانا فضل الرحمان کي جمهوري روايتن جي پاسداري سبب احتجاج جو حق ڏنو. ان جي جلوس ۾ جديد هٿيارن جي موجودگي تي ڳڻتي آهي.ڏنڊن ۽ هٿيارن جي موجودگي ۾ سموري صورتحال جي ذميواري مولانا فضل الرحمان تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪنن جو ليويز فورس مٿان حملو ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.