جلال محمود شاهه ۽ حيدر منزل خريد ڪندڙ بلڊر عمران جماڻي جي گڏيل پريس ڪانفرنس

ڪراچي :- ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه حيدر منزل تي نئين عمارت جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته پنهنجي ملڪيت جي حصي ۾ آيل ملڪيت کي وڪرو ڪرڻ پويان ڪي ضرورتون هيون، واويلا ڪندڙ ڪنهن جي ونگار وهي رهيا آهن. حيدر منزل خريد ڪندڙ عمران جماڻي چيو آهي ته حيدر منزل واپس ڪرڻ لاءِ کيس سُئيٽزرلينڊ ۽ ڏکڻ افريڪا مان ڌمڪين وارا فون اچي رهيا آهن. ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه بلڊر کي وڪرو ڪيل حيدر منزل کي ڊاهي پٽ ڪرڻ بعد نئين اپارٽمينٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. جلال محمود شاهه ۽ حيدر منزل خريد ڪندڙ بلڊر عمران جماڻي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران جلال محمود شاهه چيو ته ضرورت هئي ۽ مجبور هئاسين، تڏهن حيدر منزل وڪرو اٿئون. حيدر منزل واري ملڪيت منهنجي حصي ۾ هئي، رضا خوشي سان اها عمارت وڪرو ڪئي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته حيدر منزل جي وڪري تي واويلا ڪندڙ ڪنهن جي ونگار وهي رهيا آهن. ايس يو پي سربراهه چيو ته 85 سالن جي عمارت کپائڻ پويان ضرورتون هيون، ڪرپشن ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڪردار وڪرو ڪيو آهي. اُنهي کي زنده رکڻ لاءِ پنهنجي ملڪيت کپائي آهي. هن چيو ته نئين بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي اسان کي فليٽ ملندو، جتي ايس يو پي جي آفيس کولينداسين. اسان جي پاڙي ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ امتياز شيخ جي وڌڙن جون به تاريخي عمارتون هيون، جِن کي به کپايو ويو آهي. اُن موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان حيدر منزل کي مسمار ڪرڻ جو افتتاح ڪريو پيا؟ جنهن تي جلال محمود شاهه جواب ڏيندي چيو ته توهان جي ڪهڙي حيثيت آهي جو اهڙا سوال ڪريو ٿا؟ بلدڙ عمران جماڻي چيو ته کيس سئيٽزرلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا مان ڌمڪين وارا فون اچي رهيا آهن، جيڪي چون ٿا ته خريد ڪيل حيدر منزل واپس ڪر. مون ته سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ملڪيت خريد ڪئي آهي.