جلال محمود شاهه پاران ممتاز ڳورڙ جي قتل جي نئين سر جاچ جو مطالبو

ڪوٽڙي :- سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمدود شاهه چيو آهي ته ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي جي جنرل سيڪرٽري ممتاز ڳورڙ جي قتل جي جاچ نئين سر ڪئي وڃي مک جوابدار کي ٽن ڏينهن اندر ئي جاچ مان آجو ڪري آزاد ڪرڻ سمجھ کان ٻاھر آھي. هتي هاڻ سنڌ جي نياڻين کي ائين قتل ڪيو پيو وڃي اڳ ته دشمنين ۾ به نياڻين کي ٽارگيٽ نه ڪيو ويندو هو. ايم پي اي شهناز انصاري ۽ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل مان سنڌ اندر امن امان جي صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو شهيد ممتاز ڳورڙ بهادر اڳواڻ هو سندس قتل ڪيس ۾ پوليس جي جاچ مطمئن ڪندڙ نه آھي. نئين سر جاچ ڪميٽي ٺاهي وڃي. هن اهڙو اظهار ڪوٽڙي ۾ شهيد ممتاز ڳورڙ جي چاليھ واري تعزيتي ميڙاڪي ۽ سنڌ اسلامڪ جي مرڪزي چئيرمين قاري وزير مجاهدي پاران پارٽي ايس يو پي ۾ ضم ڪري ايس يو پي ۾ شموليت ڪرڻ واري تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد جلال محمود شاھ چيو ته  ڪوٽڙيء مان کنڊ جون هزارين ٻوريون هٿ اچڻ مان سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي وئي آهي آء جي سنڌ کي پ پ حڪومت ان ڪري هٽائڻ ٿي چاهي ٿي ته جيئن سنڌ ۾ سفارشي پوليس ڀرتي ڪري سگهجي آئي جي سنڌ کي نه هٽايو وڃي ان کي هٽائڻ جي مخالفت ڪيون ٿا. سيد جلال محمود شاھ چيو ته شهيد ممتاز ڳورڙ جي قتل واري واقعي تي اسان جاچ لاء ڪنهن به پوليس آفيسر جو نالو نه ڏنو هو پر هي ڪهڙي جاچ ٽيم هئي جيڪي ٽن ڏينهن اندر ۾ مک جوابدار کي آجو ڪري ڇڏيو نئين سر جاچ ٽيم ٺاهي ان ۾ ساک رکندڙ پوليس آفيسر رکيا وڃن,سيد جلال محمود شاھ چيو ته قاري وزير مجاهدي هڪ بهترين سياسي ساک رکندڙ اڳواڻ آھي سندس جو پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ بهتر عمل آھي اسين آجيان ڪيون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته هو ڪوٽڙي جي مسئلن جي حل  توڙي پارٽي جي ڀلائي لاء ڪم ڪندو