جلال شاهه ۽ زين شاهه جي امڙ ڪراچي ۾ فوت، اڄ سن ۾ تدفين

گلشن اقبال:- جيئي سنڌ تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد جي نُهن ، سنڌ جي سماج سڌارڪ اڳوڻي ايم پي اي سيد امداد محمد شاھ جي گهر واري بيبي سيده گلشن آرا 81 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي مرحومه سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سيد جلال محمود شاھ ، امداد فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد ضياء شاھ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ جن جي امڙ هئي . مرحومه 1958 ۾ سائين جي ايم سيد جي ننڍي فرزند سيد امداد محمد شاھ سان لائون لڌيون جنهن مان کيس ستن ٻارن جو اولاد آهي جن ۾ ٽي پٽ ۽ چار نياڻيون شامل آهن سندس  مڙھ کي سن شهر جي تاريخي قبرستان مير حيدر شاھ سنائي ۾ سومر ڏينهن صبح جو ڏھين وڳي جنازي ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو