جعلي حڪومت نواز شريف جي گهر کان ايندڙ کاڌي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي : مريم نواز

لاهور :-  مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته جعلي حڪومت نواز شريف جي گهر کان ايندڙ کاڌي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اُن جو چوڻ هو ته کاڌو کڻي ويندڙ اسٽاف 5 ڪلاڪن کان جيل جي ٻاهران بيٺل آهي. ميان صاحب جيل جو کاڌو کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اُن جو چوڻ هو ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ اها پابندي واپس نه ورتي وئي ته آئون عدالت سان رجوع ڪنديس. عدالت کان به مدد نه ملي ته مان ڪوٽ لکپت جيل جي ٻاهران ويهي رهنديس.مريم نواز جو چوڻ هو ته بک هڙتال ڪرڻي پئي ته ڪنديس. انهن ظالمن تي منهنجو اعتبار ناهي. اهي منهنجي والد جي کاڌي ۾ ڪجهه به ملائي سگهن ٿا. ان ڳالهه کي ڌمڪي نه سمجهيو وڃي ڇو ته آئون اهو ڪري رهنديس.