جسٽس گلزار احمد وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد :-  سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس گلزار احمد بطور وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو آهي.

جسٽس مشير عالم جسٽس گلزار احمد کان وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. گذريل رات چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد خان کوسه عمري جي ادائيگي جي لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.

حلف برداري جي تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، سينئر وڪيلن، ڊپٽي اٽارني جنرل سميت ٻين اختيارين تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد خان کوسو ان کان اڳ 30 جولاءِ تي هڪ هفتي جي لاءِ روس به ويو هو. ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس گلزار احمد به چيف جسٽس سان گڏ روس جي دوري تي ويو هو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ان وقت جي جج جسٽس عظمت سعيد شيخ وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.

ميڊيا موجب عدالت عظميٰ جي جج جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس عظمت سعيد شيخ کان وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کنيو.