جسٽس قاضي فائز ڌمڪيون ڪيس ۾ افتخار الدين تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد :- سپريم ڪورٽ، ججن جي توهين ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار مرزا افتخارالدين آغا تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ججن جي توهين ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪين بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس  گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي. جيل پوليس آغا افتخار الدين کي سپريم ڪورٽ آندو، جڏهن ته ايف آءِ اي جا لاڳاپيل آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيا. مرزا افتخار الدين آغا عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو پنهنجي وڊيو بيان تي دل سان معذرت ڪري ٿو ۽ شرمندو آهي، قانون کانسواءِ مسلمان طور به معافي گهري ٿو. سندس چوڻ هو ته الله جي عدالت ۾ به کيس جواب ڏيڻو آهي، کيس وڊيو جي اپ لوڊنگ ۽ ايڊيٽنگ بابت خبر ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي معافي وارو ڪيس ناهي، اوهان کي عدالت سان مذاق نٿا ڪري سگهو، ان سان ته پاڪستان جو سمورو نظام فيل ٿي ويندو، اوهان مسجد جي منبر تي اهڙي ٻولي استعمال ڪئي جيڪا ڪو جاهل ماڻهو به نه ٿو ڳالهائي سگهي. جسٽس گلزار احمد، اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواريءَ جو بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو، ڇا اوهان اهو پڙهيو آهي؟اٽارني جنرل چيو ته کيس بيان ناهي مليو، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اهو پڙهي پوءِ کيس جواب ڏيو. عدالت، ايف آءِ اي ۽ سي ٽي ڊي جي رپورٽن تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اٽارني صاحب جي کاتا ڇا ڪري رهيا آهن؟ معاملي کي سنجيده نه پيو ورتو وڃي. هن چيو ته جاچ رپورٽن ۾ ڪا به پڪي شيءِ موجود ناهي، هه هڪ جج نه پر سموري عدليه جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ مرزا افتخار الدين طرفان داخل ڪرايل جواب تي بي اعتمادي ظهار ڪندي مٿس فرم جرم لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ کيس جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني