جسٽس قاضي فائز جي گهر واري ايف بي آر جي ٻئي شوڪاز جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا عيسيٰ ايف بي آر کي ٻئي شوڪاز نوٽيس جو جواب به جمع ڪرائي ڇڏيو.ذريعن موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري ايف بي آر اختيارين جي سامهون ٽيون ڀيرو پيش ٿي ۽ ايف بي آر طرفان موڪليل ٻئي شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرايو. ذريعن ٻڌايو آهي ته سرينا عيسيٰ پنهنجي جواب ۾ لندن ۾ خريد ڪيل ملڪيت جي  آمدني جي ذريعن جي تفصيل سان وضاحت ڪئي آهي.ذريعن موجب گريڊ 20  جي ان لينڊ روينيو جي آفيسر ذوالفقار احمد کي ڪيس جي جاچ جي ذميواري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ هو ته ڪمشنر ان لينڊ روينيو ۽ انٽرنيشنل ٽيڪسز زون جسٽس فائز عيسيٰ جي گهر واري کي گذريل مهيني نوٽيس موڪليو هو. ان سان گڏ ئي ڌيءَ سحر عيسيٰ ۽ پٽ ارسلان کي به شوڪاز نوٽيس موڪليا هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته نوٽيسن کان پوءِ سرينا عيسيٰ ايف بي آر جي ڪمشنر انٽرنيشنل زون کي پنهنجو ٻيون تفصيلي لکت وارو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته پهرين شوڪاز نوٽيس جو جواب سرينا عيسيٰ 9 جولاءِ تي جمع ڪرايو هو ان کان پوءِ 21 جولاءِ تي سرينا عيسيٰ ٽيڪس اختيارين جي سامهون پيش ٿي پنهنجي ٽيڪس ريفرنس جي ڪاپي جي گهر به ڪري چڪي آهي.