جسٽس شوڪت عزيز ڪيس: ڇا جج کي ان انداز ۾ گفتگو ڪرڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي معزول جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سوال اٿاريو آهي ته ڇا جج کي ان انداز ۾ گفتگو ڪرڻ گهرجي.سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران وڪيل حامد خان چيو ته بار سان ججن جو خطاب ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ناهي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي جيڪو طريقو اختيار ڪيو اهو ڏسو ۽ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا جج کي ان انداز ۾ گفتگو ڪرڻ گهرجي.جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت نوٽيس باوجود جواب جمع نه ڪرايو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ جي رنڊڪ پار ٿيڻ تي جواب جمع ڪرائينداسين.

وڪيل حامد خان چيو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي کليل عدالت ۾ انڪوائري نه ڪرڻ جي جڊيشل ڪائونسل جو فيصلو چئلينج ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي ئي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي سمجهڻ ۽ قرار ڏيڻ ۾ فرق آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جنهن بنياد تي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار سمجهي وئي، اهو ڏسڻ به ضروري آهي، تقرير ۽ ان جي نڪتن کان انڪار نه ڪيو ويو، جڏهن ته جڊيشل ڪائونسل سمجهيو وڌيڪ جاچ جي ضرورت ناهي.جسٽس سردار طارق چيو ته جنهن ريفرنس ۾ برطرفي ٿي، ان ۾ حقيقتون تسليم ٿيل آهن، حقيقتون تسليم ٿيل هجن ته انڪوائري ڪميٽي ڇا ڪري.جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل حامد خان چيو ته اڳوڻو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري به بار سان خطاب ڪندو رهيو آهي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس افتخار چوڌري بار سان سدائين لکيل تقرير ڪندو هو ۽ هن ڪڏهن به تقرير ۾ ڪنهن تي الزام نه هنيو.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.