جسم پاران 27 سيپٽمبر تي تحفظ سنڌ ريلي ڪڍڻ جو اعلان

ٽنڊو محمد خان :- جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ هڪ آهي هڪ ئي رهندي ،  27 سيپٽمبر تي سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفا تحفظ سنڌ ريلي ڪڍي ويندي ، جنهن ۾ لکين ماڻهو شريڪ ٿي سنڌ سان محبت جو وچن ورجائيندا ،  اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ، هن چيو ته پ پ سنڌ جي ورهاڱي کي رد ڪرڻ جون کوکليون دعوائون ڪري سنڌ جي عوام وٽ سنڌ ڪارڊ کي برقرار رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي پر عملي طور سنڌ کان ڪراچي کي ڌار ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ رٿيل سنڌ دشمن سازش ۾ شامل ٿي ڪراچي امن ڪاميٽي جي نالي ۾ ڪراچي کي عملي طور اسلام آباد حوالي ڪري ڇڏيو آهي ، پ پ مان سنڌ جي عوام کي ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي ، هن چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سنڌ دشمن سازش عالمي سامراجي قوتن جي سازش آهي ، جنهن ۾ ڪراچي کي بين الاقوامي طور فري پورٽ ٺاهڻ جو رٿيل منصوبو آهي ، جنهن ۾ وفاق ، ايم ڪيو ايم جي ملڪ دشمن سازش جي ڀاڱي ڀائيوار بڻجي رهيو آهي ، ايم ڪيو ايم هاڻي دنيا جي دهشتگرد جماعت ثابت ٿي چڪي آهي ، ايم ڪيو ايم پنهنجي رنگ تبديل ڪري سنڌ کي حصن ۾ تقسيم ڪرڻ واري سوچ ۾ ڪو به فرق محسوس نه ڪرايو آهي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لاءِ عملي طور گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لساني فساد ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي ، جنهن کي وري ٻيهر نروار ڪرڻ لاءِ ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري نفرتون پيدا ڪيون وڃن پيون ، ايم ڪيو ايم سنڌي اردو تضاد پيدا ڪري سنڌ ۾ وري ٻيهر وڏي خونريزي ڪرائڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي جنهن کي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام چاهي اهو سنڌي ڳالهائيندڙ هجي يا اردو ڳالهائيندڙ هجي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو ، ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي ، پنهل خان جمالي ، ممتاز آريسر ، ايوب ڪوريجو ۽ ٻيا موجود هئا