جسقپ اڳواڻ دودو ديشي جي طبعيت خراب،سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل،سوڀ ڀٽي عيادت ڪئي

ڪراچي:- ڪراچي جسقپ مرڪزي اڳواڻ  ڪامريڊ دودو ديشي کي معدي ۽ جيري جي تڪليف سبب رٿ فائو سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ ٻه ۾ داخل ڪيو ويو آهي پنجن ڏينهن کي  طبعيت خراب هجڻ سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بستري تي ستل آهي وارڊ ۾ رت جي چڪاس،جگر ۽ معدي جون ٽيسٽون ڪيون ويو آهن چڪاس جو مڪمل نتيجو اچڻ کانپوء علاج شروع ڪيو ويندو ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته سموريون ٽيسٽون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جيستائين نتيجو سامهون نه ٿو اچي  تيستائين بيماري جي ڪا به خبر پئجي نه سگهندي باقي شروعاتي علاج ڪري رهيا آهيون ۽ صحت  سڌاري طرف وڌي رهي آهي  ٻئي طرف دودي ديشي چيو ته دوست صحتيابي لاء دعا ڪن جلد ٺيڪ ٿي سنڌ ۽ عوام لاء جدوجهد ڪندس هوڏانهن مختلف سياسي،سماجي ڌرين،صحافين،اديبن ۽ پارٽي ڪارڪنن اسپتال پهچي عيادت ڪئي.